اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ، ٽرائل ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ وچ ۾ سينڊوچ بڻجي وئي آهي:جسٽس عامر فاروق

اسلام آباد( م ڊ) ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس توشا خانا ڪيس ۾ چيو آهي ته تحريڪ انصاف چيئرمين کي ڏنل هيءَ مختصر سزا آهي، جيڪا بنا نوٽيس جي به معطل ٿي ويندي آهي. اسان سپريم ڪورٽ  ۽ ٽرائل ڪورٽ وچ ۾ سينڊوچ بڻجي ويا آهيون. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ توشا خانا فوجداري ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين جي سزا خلاف اپيل ۽ سزا معطلي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عمران خان جي سزا معطلي واري درخواست جي ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي وڪيل امجد پرويز چيو ته رڪارڊ موجب پي ٽي آءِ چيئرمين کي سزا 5 آگسٽ تي ٻڌائي وئي ۽ 8 آگسٽ تي ڏنل فيصلي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو. جنهن کانپوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ دفاع جو حق ختم ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. وڪيل امجد پرويز چيو ته هن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو آهي. چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته ان جو مطلب آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي هي ڊويزن بينچ ٽرائل ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي وچ ۾ سينڊوچ بڻجي وئي آهي. ٻڌڻي دوران لطيف کوسا چيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي ڪنهن آفيسر کي شڪايت داخل ڪرڻ جو مجاز قرار ڏئي سگهي ٿي، ان ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر کي ڪمپلينٽ داخل ڪرڻ جو چيو . هن چيو ته اليڪشن ڪميشن چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ 4 ميمبرن تي ٻڌل هوندي آهي، رڪارڊ ۾ اليڪشن ڪميشن جو ڪمپلمينٽ داخل ڪرڻ جو ڪو اجازت نامو ناهي.ان تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل امجيد پرويز چيو ته اليڪشن ڪميشن جو اجازت نامو رڪارڊ ۾ موجود آهي، جنهن تي لطيف کوسا چيو ته اها اجازت اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري طرفان ڏني وئي آهي. لطيف کوسا چيو ته ٽرائل ڪورٽ هاءِ ڪورٽ جي آرڊر کي به نظرانداز ڪيو، ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي ۾ ڪيتريون ئي خاميون آهن، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي خلاف اسان جي اپيل منظور ڪئي ۽ هاءِ ڪورٽ درخواست ٻيهر فيصلو ڪرڻ لاءِ ٽرائل ڪورٽ کي موڪلي. لطيف کوسا اپيل ڪئي ته تحريڪ انصاف چيئرمين جي سزا معطل ڪئي وڃي، سزا ڪالعدم قرار ڏيڻ جي اپيل تي دليلن لاءِ اسان ٻيهر عدالت سامهون اينداسين. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل اپيل ۾ رياست کي ڌر نه بڻائڻ تي اعتراض اٿاريو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته شڪايت ڪندڙ اليڪشن ڪميشن آهي ۽ درخواستگذار ان کي ڌر بڻايو آهي، رياست کي اپيل ۾ ڌر بڻائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ امجد پرويز ايڊووڪيٽ چيو ته سزا ٻڌائڻ کانپوءِ جوابدار جو درجو ڏوهي ۾ تبديل ٿي ويو، سزا يافته هاڻ رياست جي قيد ۾ آهي، اهو نٿو چوان ته اپيل رد ڪئي وڃي، منهنجو موقف آهي ته گهٽ کان گهٽ اسٽيٽ کي نوٽيس ڪري ٻڌو وڃي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته رياست کي نوٽيس به ڪيون ته ڇا ٿيندو؟ جنهن تي اليڪشن ڪميشن وڪيل چيو ته اهو مينڊيٽ آف لا آهي ته اسٽيٽ کي به نوٽيس هجڻ گهرجي. جسٽس طارق جهانگيري چيو ته جن ڪيسن جو توهان حوالو ڏئي رهيا آهيو، ان ۾ ايف آءِ آر داخل ٿي هئي، هن ڪيس ۾ ڪا ايف آءِ آر ناهي. امجد پرويز ايڊووڪيٽ چيو ته قانون جون لاڳاپيل ٻئي شقون چون ٿيون ته رياست کي نوٽيس جاري ڪرڻ گهرجي، رياست وٽ فيصلي جي دفاع جو حق موجود آهي، رياست کي فيصلو ڪرڻو آهي ته اها فيصلي جو دفاع ڪري يا نه. چيف جسٽس عامر فاروق چيو توهان کي لڳي ٿو ته رياست اچي چوندي سزا غلط ڏني وئي؟ اها مختصر سزا آهي ۽ بنا نوٽيس به معطل ٿي ويندي آهي، جنهن تي اليڪشن ڪميشن وڪيل چيو اهڙو ڪو فيصلو موجود ناهي ته بنا نوٽيس سزا معطل ٿي هجي، 3 سال قيد جي سزا کي گهٽ وقت جي سزا چئي سزا معطلي جو چيو پيو وڃي. ٻئي طرف اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي توشا خانا ڪيس ۾ رليف نه مليو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران ٻڌڻي اڄ ۽ سپريم ڪورٽ هاءِ ڪورٽ جي حڪم اچڻ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ پڻ ٽه رڪني بينچ توشا خانه ڪيس ۾ سزا خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي اپيل تي ٻڌڻيءَ ڪئي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ۾ چيو آهي ته آئين ۽ قانون تحت فيصلا پنهنجي عهد موجب ڏيندا رهنداسين، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي ڪوششن جي واکاڻ ڪريان ٿو. چيف جسٽس چيو ته هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جو انتظار ڪريون ٿا، ميڊيا تي ڪاوڙ ۾ ججز تي تنقيد ڪئي ويندي آهي، سسٽم جي خوبصورتي ئي اها آهي ته پهرين هاءِ ڪورٽ فيصلو ڏئي. سپريم ڪورٽ ۾ وقفي بعد ٻيهر ٻڌڻي ٿي ته چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ جي حڪم اچڻ تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.