لاهور (عوامي آواز نيوز) آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ بل ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بل کي تڪراري بڻائڻ جي سازش اسلام آباد جي ايف – 10 واري علائقي جي هڪ گهر ۾ تيار ڪئي وئي هئي. جنهن ۾ چڪوال ۽ سرگوڌا جي اهم شخصيتن جي صدر عارف علوي سان ملاقات ٿي ۽ کيس بل اعتراض لڳائي واپس ڪرڻ بدران پاڻ وٽ روڪي رکڻ جو مشورو ڏنو ويو ۽ مقرر مدت کانپوءِ کيس گهل گهل ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي ۽ بلن کي تڪراري بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته صدر علوي کي اها خاطري ڪرائي وئي ته هو بلن کي تڪراري بڻائي ان بعد ان معاملي تي عدليا ۽ عالمي سطح تي وڏو مسئلو بڻائڻ انهن جي ذميواري آهي. ان ڪري صدر علوي بلن کي تڪراري بڻايو، ان ۾ سازش ڪندڙن کي ڪيتري ڪاميابي ٿي اهو وقت ٻڌائيندو.