اقليتن جي تحفظ لاءِ ڪميشن جوڙي وڃي: سراج الحق

لاهور (پ ر)جماعت اسلامي جي امير سراج الحق اقليتن جي حقن جان ۽ مال جي تحفظ ۽ عبادتگاهن جي تحفظ لاءِ اقليتي معاملن واري  ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪيو آهي. اھڙن خيالن جو اظهار ھن منصوره ۾ امن ڪانفرنس کي خطاب کانپوءِ اقليتي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن اسلام آباد ۾ قومي اقليتي ڪنوينشن منعقد ڪرڻ جو به اعلان ڪيو جنهن ۾ سمورن مذهبن جي احترام ۽ امن امان جي قيام لاءِ سفارشون تيار ڪيون وينديون،هن جڙانوالا واقعي کي پاڪستان جي تشخص خلاف سازش قرار ڏيندي چيو ته قرآن پاڪ جي بي حرمتي ۽ ان افسوسناڪ واقعي کانپوءِ اشتعال پکيڙڻ ۾ ملوث گروهه جي نشاندهي ڪري کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ان موقعي تي سينٽر ڪامران مائيڪل، بشپ نديم ڪامران، سردار بشن سنگهه، ساجد ڦاٽيا ۽ هندو، عيسائي، سک ۽ ٻين مذهبن جي نمائندن شرڪت ڪئي. هن چيو ته جڙانوالا جي دوري دوران هنن الخدمت جي پليٽ فارم تان سڙيل گهرن جي اڏاوت جو اعلان ڪيو هو جنهن ۾ هن چيو ته ساڙيل گهرن جي ٻيهر تعمير جو اعلان ڪيو آھي. جماعت اسلامي به ساڙيل گرجا گهرن جي تعمير ۾ مدد ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.