ڪراچي (رپورٽر) نگران صوبائي معدنيات ۽ معدني وسيلن واري وزير مير خدا بخش مري چيو آهي ته سنڌ سميت سڄو ملڪ معدني وسيلن ان مالا مال آهي، انهن وسيلن سان ملڪ جي معيشت کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو، سڀ ڄاڻن ٿا ته اسان جو ملڪ معاشي خساري ۾ هلي رهيو آهي، ڪڏهن اسان عالمي مالياتي اداري آءِ ايف ايف جي طرف ويندا آهيون ته ڪڏهن اسان ٻئي اداري وٽ، جيڪڏهن اسان انهن معدني وسيلن کي استعمال ۾ آڻيون ته ملڪ جي معيشت کي تمام گهڻو سهارو ملي سگهي ٿو، معدنيات ۽ معدني وسيلن واري کاتي پاران سکر، لاڙڪاڻو، شهيد بينظير آباد، حيدرآباد، ٺٽو ڄامشورو، بدين، خيرپور، ٿرپارڪر سميت سڄي سنڌ ۾ موجود معدني وسيلن جو دورو ۽ ان جي ڳولا ڪندو ۽ جنهن ۾ ان ڳالهه جو عزم ڪيو ويندو ته ڪهڙا معدني وسيلا ڪهڙي علائقي ۾ آهن ۽ انهن جو معيار، مقدار، تناسب (سيڪڙو) ۽ مارڪيٽ ۾ انهن جو مالياتي اندازو لڳائي سگهجي ٿو، جنهن کي معلوم ڪري عوام جي سامهون رکنداسين، اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ سيڪريٽريٽ جي ڪميٽي روم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته معدنيات ۽ معدني وسيلن وارو کاتو منرل اسپيڪٽنگ، مائننگ پرمٽ ۽ ٻين عملن کي شفاف بڻائڻ لاءِ ڊجيٽلائيزيشن ڏانهن وڌي رهيو آهي ته جيئن عوام کي معلوم ٿي سگهي ته ڪهڙن شهرن ۾ ڪهڙا معدني وسيلا آهن ۽ جيڪڏهن ڪوئي غيرقانوني مائننگ ڪري رهيو آهي ته ان جي خلاف کاتي کي شڪايت داخل ڪرائي سگهجي ٿي هن وڌيڪ چيو ته معدني وسيلا ڪڍڻ وارا ٺيڪيدار امير ٿي رهيا آهن ۽ مزدور وڌيڪ بدحالي جي طرف وڃي رهيا آهن، جنهن لاءِ ضروري آهي ته ٻنهي جي وچ ۾ توازن قائم ڪيو وڃي، مزدورن جي ڀلائي، بهتري، صحت، تعليم جي لاءِ اتي ادا قائم ڪيا وڃن هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته هڪ اندازي موجب ڪارونجهر ۾ 26 ارب ٽن معدني وسيلا موجود آهن،اسان ميڊيا ۽ ٻين ماهرن جي موجودگيءَ ۾ ڪارونجھر جو دورو ڪنداسين ۽ عوام آڏو حقيقتون آڻينداسين.