اسلام آباد(م ڊ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي چيئرمين زبير امجد ٽوانا انڪشاف ڪيو آهي ته ايف بي آر ۾ 500 کان 600 ارب رپين جي ڪرپشن ٿئي ٿي.سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ ڳالهائيندي چيئرمين ايف بي آر اداري ۾ اربين رپين جي ڪرپشن جو اعتراف ڪندي چيو ته ايف بي آر جي سمورن 25 هزار ملازمن جا اثاثا چيڪ ڪرڻ اداري لاءِ ممڪن ناهي. ڪميٽي جي ميمبر سينيٽر ڪامل علي آغا اداري بابت سوال اٿاريندي چيو ته جيڪڏهن ايف بي آر 25 هزار ملازمن جا اثاثا چيڪ نه ڪري سگهي ته 25 ڪروڙ ماڻهن جا اثاثا ڪيئن چيڪ ڪندي؟