منيلا(م ڊ) ضروري شين جي قيمتن ۾ وڏي اضافي جي بحران ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ جي خطي جي ملڪن ۾ لکين ماڻهن کي انتهائي غربت ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي، ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان خميس ڏينهن جاري رپورٽ موجب ڪورونا وائرس جي عالمگير وبا جي ڊگهن اثرن ۽ ضروري شين جي قيمتن ۾ وڏي اضافي جي بحران هن خطي جي ماڻهن جي مشڪلاتن ۾ تمام گهڻو اضافو ڪيو آهي، ڪي انڊيڪيٽرز فار ايشيا اينڊ دي پيسفڪ 2023ع جي عنوان سان جاري رپورٽ موجب 2022ع تائين خطي جي اسرندڙ ملڪن ۾ هڪ اندازي موجب 15 ڪروڙ 52 لک ماڻهو جيڪي خطي جي 3.9 سيڪڙو آبادي جي برابر آهي، انتهائي غربت ۾ زندگي گذاري رهيا هئا، اسرندڙ ايشيا ۾ جاپان، آسٽريليا ۽ نيوزي لينڊ کانسواءِ ايشيا پيسفڪ جون 46 معيشتون شامل آهن، تمام گهڻن ملڪن ۾ ناڻي واڌ گذريل سال ڪيترن ئي سالن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي جنهن سان تقريبن هر ماڻهو متاثر ٿيو آهي .