بيونس آئرس( م ڊ) ڏکڻ آمريڪا جي ملڪ ارجنٽائن ۾ بدترين معاشي بحران جاري آهي، مهانگائي سبب ماڻهو دڪانن تان ڦرون ڪرڻ لڳا. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ڦر لٽ ڪندي دڪانن مان روڪ سميت سامان کڻي فرار ٿي ويا. گذريل ڏينهن سڄي ملڪ ۾ ڦر جا واقعا سامهون آيا آهن، لٽ مار جي خوف سبب ڪجهه دڪاندار پنهنجا دڪان بند ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته ٻين پنهنجا هٿيار رکي ڇڏيا آهن. پوليس ڪارروائي ڪري ڪيترن ئي چورن کي گرفتار ڪري ورتو. ارجنٽائن جي صدر البرٽو فرنينڊس ماڻهن کي اپيل ڪئي آهي ته هو عوامي نظم برقرار رکن. ياد رهي ته ارجنٽائن جو عوام هن وقت معاشي بحران ۽ 100 سيڪڙو کان وڌيڪ مهانگائي جو شڪار آهي.