نگران وڏي وزير حياتي بچائيندڙ دوائن جي کوٽ جو نوٽيس ورتو

ڪراچي (رپورٽر)  سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) باقر مقبول مارڪيٽ ۾ حياتي بچائيندڙ دوائن جي کوٽ جو سخت   نوٽيس وٺندي صحت کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته دوائن جي دستيابي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ذخيرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وڏي وزير جسٽس باقر صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر سعد نياز سان زندگي بچائيندڙ دوائن جي کوٽ ۽ مارڪيٽ ۾ غير معياري دوائن بابت گردش ڪندڙ خبرن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ملاقات ۾ فيصلو ڪيو ويو ته صحت کاتو دوائن جي ذخيرو ڪرڻ ۾ ملوث ماڻهن خلاف مهم شروع ڪندو

نواز شريف جي سيپٽمبر ۾ واپسي نه ٿيندي، جلد نه اچڻ جو فيصلو

لنڊن( م ڊ) مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف وطن واپس نه اچڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب نواز شريف ۽ شهباز شريف وچ ۾  ملاقات ۾ سيپٽمبر ۾ وطن واپس نه اچڻ تي اتفاق ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ نواز شريف جي سيپٽمبر ۾ وطن واپسي جو امڪان ختم ٿي ويو. فيبروري 2024ع ۾ اليڪشن ٿيڻ جي صورت ۾ آڪٽوبر يا نومبر ۾ واپسي جي تجويز سامهون آئي. نواز شريف جي واپسي تي لاهور ۾ لينڊ ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف ۽ شهباز شريف وچ ۾ ملاقات ۾ مستقبل جي سياسي حڪمت عملي ۽ ملڪي سياست جي مستقبل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايندڙ عام چونڊن لاءِ مسلم ليگ ن جي چونڊ مهم جي معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو، جڏهن ته مسلم ليگ ن جي مستقبل جي حڪمت عملي تي به صلاح مشورا ڪيا ويا.

نواز شريف کي ڪوڙي ڪيس ۾ سخت سزائون ڏنيون ويون: مريم نواز

ڪراچي (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائزر مريم نواز چيف جسٽس  عمر عطا بنديا کي مخاطب ڪندي چيو آهي ته جواب ڏيڻو پوندو يا دنيا کان منهن لڪائي زندگي گذارڻ پوندي، هڪ بيان ۾ مريم نواز چيو ته نواز شريف کي ڪوڙي ڪيس ۾ سخت سزائون ڏنيون ويون، هن چيو ته نواز شريف کي سزائون ٻڌائيندي اوهان اهڙي طرح جو ڪو سوال پڇيو هو، يا هي سڀ اوهان کي پي ٽي آءِ چيئرمين جي لاءِ ياد ايندو آهي؟ مريم نواز چيو ته گذريل ڀيري اوهان توشه خانه چور کي ريسٽ هائوس شفٽ ڪيو هو، هن ڀيري هوٽل ڪيئن رهندو.

بٽگرام آپريشن ۾حصو وٺندڙ جوانن ۾ تعريفي سندون،سڀني کي ڪريڊٽ

اسلام آباد(م ڊ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڏکئي ريسڪيو آپريشن جي ڪاميابي جي لاءِ بهترين حڪمت عملي تيار ڪندڙن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، ڪير غلط فهمي ۾ نه رهي، ملڪ محفوظ هٿن ۾ آهي، طاقت جي زور تي پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ جا خواهشمند غلط فهمي ختم ڪري ڇڏين اهڙو ڪجهه نه ٿيندو، نگران حڪومت جي ذميواري چونڊون منعقد ڪرائڻ ۾ اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪرڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه خميس ڏينهن بٽگرام چيئر لفٽ ريسڪيو آپريشن ۾ حصو وٺندڙن جي اعزاز ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته هي خوشي جو موقعو آهي ڇو ته چيئر لفٽ حادثي جي شاگردن کي الله تعاليٰ نئين زندگي ڏني آهي. هن چيو ته هي واقعو سامهون اچڻ کانپوءِ پوري قوم پريشاني ۽ خوف ۽ خدشن جو شڪار هئي ڇو ته انهن شاگردن جي زندگي جو معاملو هو. هن چيو ته شاگردن جو امداد جي لاءِ ايندڙ فوجي جوانن کي ڏسي حوصلو بلند ٿيو اسان پنهنجي شهيدن کي نه وسارينداسين. وزيراعظم چيو ته شهرين کي صحت، تعليم جون سهولتون ۽ روزگار ۽ باعزت زندگي جا موقعا فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي، جيڪي اهو سمجهن ٿا ته اهي طاقت جي زور تي سڀ ڪجهه تبديل ڪري ڇڏيندا، انهن کي پنهنجي غلط فهمي ختم ڪرڻ گهرجي، ائين ڪڏهن به نه ٿيندو. هن چيو ته هي اسان جو گهر آهي، گهر جو نظام بااختيار ۽ باصلاحيت ماڻهن وٽ آهي، هن چيو ته نگران حڪومت وٽ محدود وقت آهي، چونڊن ۾ مدد فراهم ڪرڻ اسان جو مينڊيٽ آهي پر بطور شهري مون کي به اظهار راءِ جي آزادي حاصل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.