اسلام آباد(م ڊ) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا عام چونڊن جي تاريخ بابت صدر جي خط جو جواب ڏئي ڇڏيو. ڪالهه چيف اليڪشن ڪمشنر صدرِ مملڪت عارف علوي کي لکيل جوابي خط ۾ چيو ته قومي اسيمبلي آئين جي آرٽيڪل 58 ون تحت وزيراعظم جي سفارش تي صدر 9 آگسٽ تي اسيمبليون ختم ڪيون، هاڻ اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 57 ۾ 26 جون تي ترميم ڪئي وئي آهي، ان ترميم کان اڳ صدر کي اليڪشن جي تاريخ لاءِ ڪميشن کان مشاورت ڪرڻي هئي، هاڻ سيڪشن 57 ۾ ترميم کانپوءِ اليڪشن ڪميشن کي تاريخ يا تاريخون ڏيڻ جو اختيار آهي. خط مطابق آئين جي آرٽيڪل 48 فائيو کي آئين جي آرٽيڪل 58 ٽو سان گڏ پڙهيو وڃي. وزيراعظم جي سفارش تي اسيمبلي ختم ڪئي وڃي ته ڪميشن کي عام چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو اختيار آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته اوهان جي خط ۾ ڏنل شرط موجوده صورتحال ۾ لاڳو نٿا ٿين، ملڪ ۾ هن وقت تڪبنديون پڻ جاري آهن، اليڪشن ڪميشن اليڪشن ايڪٽ جي سيڪش 17 ٽو تحت تڪبندين ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو، اليڪشن ڪميشن اميدوارن، سياستدانن ۽ ووٽرز جي حقن کي تحفظ ڏيڻ تڪبنديون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو. چيف اليڪشن ڪمشنر پنهنجي خط ۾ اهو به چيو ته چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميداري آهي ۽ اليڪشن ڪميشن ان کي سنجيدگيءَ سان وٺي ٿو. اليڪشن ڪميشن چونڊ حڪمت عملي جي حوالي سان سياسي پارٽين کي مشاورت لاءِ دعوت ڏني آهي. اليڪشن ڪميشن صدر کي احترام جي نگاهه سان ڏسي ٿو، مناسب وقت تي قومي معاملن تي صدر سان ملاقات ڪري رهنمائي وٺڻ اعجاز جي ڳالهه رهي، ڪميشن جي راءِ آهي ته موجوده صورتحال ۾ ملاقات جا محدود اثر پوندا،هوڏانهن ايوان اليڪشن ڪميشن جي خط تي قانون ۽ انصاف واري وزارت کان راءِ طلب ڪري ورتي آهي.صدر هائوس طرفان جاري بيان موجب اليڪشن ڪميشن جي موقف تي راءِ طلب ڪئي وئي آهي ته چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو اختيار رڳو اليڪشن ڪميشن کي آهي.