ڳرن بجلي بلن خلاف مزاحمت ،ججن،جنرلن،ڪامورن جي مفت بجلي ختم ڪريو: سماجي ردعمل

ڪراچي/اسلام آباد/لاهور(م ڊ) بجلي جي اگهن ۾ لڳاتار واڌ عوام ۾ ڪاوڙ وڌڻ لڳي جڏهن ته بجلي جا وڏا بل ڏسي عوام جو ميٽر گهمي ويو آهي. لاهور ۾ بجلي جي اگهن ۾ واڌ ۽ بلن ۾ واڌ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري شهرين روڊن تي نڪري آيا، شهرين حڪومت تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، مظاهرين جو چوڻ هو ته بجلي اچي يا نه اچي پر ڳرو بل ضرور ادا ڪرڻو پوندو آهي، هنن چيو ته زندگي گذارڻ ناممڪن ٿي پيو آهي، ڪو ته هن مهانگائي کي لغام ڏئي،ٻئي طرف ڪراچي ۾ به شهرين مهانگي بجلي ۽ ڳري بلن خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرايو.ٽمبر مارڪيٽ جي رهواسين ڪي اليڪٽرڪ آفيس جو گهيرو ڪري عملي تي تشدد ڪيو، جڏهن ته واپاري برادري پڻ احتجاج ڪيو. واپارين پاران ٽمبر مارڪيٽ ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو ويومظاهري ۾ شرڪت ڪندڙ واپاري برادري بجلي جا بل ادا نه ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو،ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان اويس رشيد منشي چيو آهي ته عملو ٽمبر مارڪيٽ ۾ نااهل ڪندڙن جي بجلي ڪٽڻ ويو، عملي تي تشدد ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ سندن حق آهي، جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو ته حڪومت عوام تي مسلسل برقي بم ڪيرائي رهي آهي. قيمتون ڏينهون ڏينهن وڌي رهيون آهن. غريب ماڻهو کي آمدني کان وڌيڪ بل ڏنا پيا وڃن، جنهن کانپوءِ هن وٽ ميٽر گهٽ ڪرڻ يا بجلي جو بل ادا نه ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي. جماعت اسلامي ان ظلم خلاف ڀرپور احتجاج ڪندي. سوشل ميڊيا صارفن جو چوڻ آهي ته نتيجو اچڻ شروع ٿي ويو آهي،ملڪ ۾ سول نافرماني جي تحريڪ شروع ٿي وئي،سنڌ ۾ بلن جي زور تي ميٽر ڪٽڻ لاءِ آيل ماڻهن کي بجليءَ جي ملازمن هٿان ڌوڏي ڇڏيو،آر اي شهزادڪ چيو ته ڪل بجلي 6 رپيا في يونٽ  مهانگي ڪئي وئي آهي، يعني 600 في يونٽ واڌ، پوءِ ٽيڪس وغيره الڳ آهن.ماڻهو بجليءَ جي تارن سان لٽڪي رهيا آهن، پر عدالت کي لاڏلن جي ڪيسن مان فرصت ناهي.ڇاڪاڻ ته هر رٽائرڊ ۽ حاضر سروس جج کي 2000 يونٽ مفت بجلي ملي ٿي، سڀني جنرلن ۽ بيوروڪريٽس کي مفت بجلي ملي ٿي،ايڊووڪيٽ شريف ڊوگر چيوته ججز جنرل بيوروڪريسي جي مفت پيٽرول، بجلي ۽ گيس جي خاتمي تائين عوام کي ڪو به بل نه ڏيو.سياست وڃي کڏ ۾ پوي،،مولانا سميع الله لکيو ته هي بل واپڊا آفيسر استعمال ٿيل يونٽ 1547 جو آهي ۽ بل صرف 308 رپيا آهي. هي اهو اسراف آهي جيڪو غريبن ۽ وچولي طبقي جي محنت جي پئسي تي ڪيو پيو وڃي ۽ جج ۽ اشرافيه پيٽرول ۽ بجلي استعمال ڪري عوام کي غلامن کان به بدتر زندگي گذارڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن.ناليواري تجزئي نگار انيق ناجي لکيو ته اهي پاڻ کي ساڙي ماريندا، خودڪشين جو طوفان آڻيندا، هڪ غريب ٻئي کي ماريندو پر اميرن جي مفت بجلي، پروٽوڪول، سرڪاري محلات خلاف ڪڏهن به احتجاج نه ڪندا.جنهن ڏينهن اشرافيه کي پڪڙي هڪ سادي زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو ويندو،خوشحالي جو سفر شروع ٿي ويندو،پ پ اڳواڻ نديم افضل چن لکيو ته بجلي جي ڳرن بلن تي عوام جو احتجاج آهستي آهستي شروع ٿي ويو آهي ۽ اهو وڌي سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.