پي ٽي آءِ جو 90 ڏينهن اندر چونڊن جو مطالبو، جي يو آءِ جو تڪبندين تي زور

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن جي چونڊن بابت سياسي پارٽين سان مشاورتي اجلاس ۾ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو  ڪري ڇڏيو جڏهن ته اليڪشن ڪميشن خاطري ڪرائي آهي ته هو چونڊون جلد کان جلد ڪرائڻ لاءِ ڪوشان آهي، اليڪشن ڪميشن ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو ته چونڊن ۾ سمورين سياسي پارٽين کي هڪجهڙا موقعا ميسر هجن، چونڊن جي شفافيت کي يقيني بڻايو ويندو، سياسي پارٽين سان مشاورت جو اهو عمل آئينده پڻ جاري رهندو. اليڪشن ڪميشن جو چونڊ روڊ ميپ جي سلسلي سياسي پارٽين سان مشاورت لاءِ ڪالهه پهريون اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس جي صدارت چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا ڪئي. اليڪشن ڪميشن جي معزز ميمبرن ۽ اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري سميت ٻين سينيئر آفيسرن به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف کي منجهند 2 وڳي ۽ ان کانپوءِ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي نمائندن کي 3 وڳي گُهرايو ويو . پي ٽي آءِ طرفان ڊاڪٽر بابر اعواڻ، بئريسٽر علي ظفر، عمير نيازي ۽ علي محمد خان وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي، جڏهن ته جمعيت علماءِ اسلام (ف) طرفان مولانا عبدالغفور حيدري، جلال الدين، مولانا درويش، ڪامران مرتضيٰ وڊيو لنڪ ۽ وفد جي ٻين ماڻهن شرڪت ڪئي. اليڪشن ڪميشن جو اهو مشاورتي اجلاس انتهائي خوشگوار ماحول ۾ ٿيو. پي ٽي آءِ جي وفد ان ڳالهه تي زور ڀريو ته چونڊون آئين مطابق 90 ڏينهن اندر يقيني بڻايون وڃن، جڏهن ته هن وقت تڪبندين جي ضرورت ناهي. پارٽيءَ جي مختلف گرفتار ليڊرن ۽ ڪارڪنن جي فوري آزادي يقيني بنائي وڃي. پارٽيءَ کي سياسي ريلين جي اجازت ڏني وڃي. پي ٽي آءِ کي ٻين پارٽين وانگر سياست ۾ هڪجهڙا موقعا مهيا ڪيا وڃن. جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي مشاورتي وفد مؤقف اختيار ڪيو ته ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته چونڊون آئين جي گهرج آهن پر هاڻ جيتوڻيڪ آدمشماري جا نتيجا سرڪاري طور شايع ٿي چڪا آهن، ان ڪري اليڪشن ڪميشن کي پهرين تڪبندين جو عمل مڪمل ڪرڻ گهرجي ته جيئن ايندڙ چونڊن ۾ سمورين سياسي پارٽين، اميدوارن ۽ ووٽرن کي سهولتون ميسر ٿي سگهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.