اليڪشن ڪميشن جي موقف جي پٺيان بيٺل آهيون: مرتضيٰ سولنگي

اسلام آباد (م ڊ) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جنهن تاريخ جو اعلان ڪندي، ان تي چونڊون ڪرائينداسين، اليڪشن ڪميشن جي موقف جي پٺيان بيٺل آهيون، اسان اليڪشن ڪميشن جا اختيار نه ٿا وٺڻ چاهيون، آرٽيڪل 218 (3) تحت آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ غيرجانبداراڻيون ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ اليڪشن ڪميشن جي ڀرپور مدد ڪنداسين. ڪالهه خميس ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته آرٽيڪل 51 تحت اليڪشن ڪميشن نيون تڪبنديون ڪرڻ جي پابند آهي ۽ ان شيڊيول به ڏئي ڇڏيو آهي. هن چيو ته  ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڪجهه ڏينهن ۾ معاشي بحالي جو پروگرام پيش ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.