عذير بلوچ ۽ ٻين جوابدارن جو فيصلو روڪڻ خلاف ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي ۾ اسٽي آرڊر ۾ واڌ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ عذيربلوچ سميت ٻين جوابدارن جي 5ڪيسن جو فيصلو روڪڻ جي خلاف ڪيس جي  ٻڌڻي ٿي، عدالت ٽرائل ڪورٽ کي ڪيسن جي فيصلي ۾ اسٽي آرڊر ۾ واڌ ڪري ڇڏي، عدالت هڪ مهيني تائين روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ڪيسن ۾ نامزد جوابدارن کي نوٽيس جاري ڪيو ويو، عدالت چيو ته جيڪي شاهدن بيان قلم بند نه ڪرايو آهي، هنن جي لسٽ ڪٿي آهي، رينجرز جي وڪيل چيو ته لسٽ ٽرائل ڪورٽ ۾ آهي ،عدالت چيو ته 7سالن ۾ 10 شاهدن جا بيان رڪارڊ نه ٿي سگهيا.

9 مئي واقعا، پي ٽي آءِ اڳواڻ راجه اظهر ٻن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي

ڪراچي (رپورٽر)دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ 9 مئي جي احتجاج ۽  ڀڃ ڊاهه واري ڪيس ۾ رمانڊ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ تحريڪ  انصاف جي اڳواڻ راجه اظهر کي ٽيپو سلطان ٿاڻي جي پوليس پيش ڪيو، جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارکي فيروز آباد ٿاڻي واري ڪيس ۾ به گرفتار آهي، جسماني رمانڊ ۾ واڌ ڪئي وڃي، عدالت فيروزآباد ٿاڻي جي ڪيس ۾ ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي پوليس کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، راجه اظهر جي وڪيلن چيو ته پوليس جي حراست ۾ بنيادي سهولتون نه پيو ملن.

نسلا ٽاور ڪيس، منظور ڪاڪا طرفان ضمانت لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ نسله ٽاور ۾ غيرقانوني اضافي زمين ڏيڻ خلاف اڳوڻي ايس بي سي اي جي ڊي جي جوابدار  منظور ڪاڪا ۽ خيرمحمد ضمانت جي لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي، عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري 5 سيپٽمبر تي جواب طلب ڪري ورتو، صوبائي اينٽي ڪرپشن ٻنهي جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد ڪئي هئي، ٻئي جوابدار عدالتي رمانڊ تي جيل ۾ آهن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ  ملير ۾ حدبندين خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس يوسف سعيد تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ملير جي حدبندين خلاف اڳوڻو ايم پي اي ساجد جوکيو جي درخواست ٻڌڻي ڪئي، عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ درخواست رد ڪري ڇڏي، اليڪشن ڪميشن جي آفيسر چيو ته اليڪشن ڪميشن 17 آگسٽ تي نين حدبندين ۽ آدم شماري جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو جنهن ڪري ساجد جوکيو جي درخواست غير موثر آهي، ان کي رد ڪئي وڃي، درخواستگذار پاران نين حدبندين جو شيڊول عدالت ۾ جمع ڪرايو ويو، ساجد جوکيو ملير جي حدبندين جي خلاف درخواست داخل ڪئي هئي.

ڪراچي: گلشن اقبال ۾ برساتي نالي تي اڏاوتون، ڌرين کي نوٽيس جاري

ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِ ڪورٽ جي جسٽس عقيل احمد عباسي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ گلشن اقبال بلاڪ 3۽ 4۾ برساتي نالي  تي غيرقانوني اڏاوت جي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت ڪراچي ڪمشنر سميت ٻين نوٽيس جاري ڪندي 3 سيپٽمبر تي جواب طلب ڪري ورتو، درخواست گذار جو چوڻ آهي ته ليمون ڳوٺ برساتي نالي تي غيرقانوني طور تي ملٽي اسٽور بلڊنگ ٺاهي وئي، فيڪٽريون ٺاهي ڪمرشل سرگرميون ڪيون پيون وڃن.

خديجه شاهه ۽ ٻين عورتن جي ضمانت درخواستن تي ٻڌڻي ملتوي

لاهور(م ڊ( لاهور هاءِ ڪورٽ 9 مئي جي داخل ڪيس ۾ گرفتار فيشن ڊزائينر خديجه شاهه، تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عاليه سميت  ٻين عورتن جي ضمانت جي درخواستن تي ٻڌڻي 28 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي سرڪاري پراسيڪيوٽر کي بحث لاءِ طلب ڪري ورتو. جسٽس وحيد خان جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. جناح هائوس حملي سميت باهيون ڏيڻ جي ٻين واقعن ۾ گرفتار عورتن سميت 100 کان وڌيڪ جوابدارن ضمانت لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو آهي.

آمريڪا: بار ۾ فائرنگ سبب 5 ماڻهو مارجي ويا، 6 زخمي

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ سينٽياگو ڪينن روڊ تي واقع بار ۾ قانون لاڳو ڪندڙ  اداري جي اهلڪار ۽ سندس زال وچ ۾ جهيڙو ٿيو جنهن تي ريٽائرڊ آفيسر فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 05 ماڻهو اجل جو شڪار ۽ 06 زخمي ٿي پيا، واٰقعي جو اطلاع ملندي پوليس موقعي تي پهچي وئي

مرتضيٰ سولنگي جي سرفراز بگٽي سان ملاقات،ملڪي صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد(م ڊ) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي سان ڪالهه خميس ڏينهن گهرو وزارت ۾ ملاقات  ڪئي. ٻنهي نگران وزيرن ملڪ جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ عام چونڊن جي حوالي سان نگران حڪومت پاران اليڪشن ڪميشن جي معاونت جي معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي.

عمر سومري پاران ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جي آفيس جو دورو

ڪراچي (رپورٽر)  سنڌ جي نگران قانون واري وزير عمر سومرو سنڌ هاءِ ڪورٽ بلڊنگ ۾ واقع ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جي آفيس جو دورو ڪيو ۽ اي جي سنڌ جي ملازمن ۾  تعريفي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، تقريب ۾ ايڊووڪيٽ جنرل حسن اڪبر، اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرلز، وڪيل برادري، آفيسرن سميت ملازم پڻ موجود هئا،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.