ٿلهن ٻارن کي ڪهڙي خوراڪ ڏيڻ گھرجي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسان جي مشاهدي ۾ گھڻو ڪري اها ڳالهه سامهون ايندي آهي ته ڪجهه ٻار ننڍي عمر ۾ ئي ٿولهه جو شڪار ٿي ويندا اهن جنهن جي وڏن سببن ۾ جينياتي عمل، جسماني سرگرمين جي گھٽتائي يا غير صحت بخش کاڌا ۽ ضرورت کان وڌيڪ کائڻ به شامل آهي.

ان حوالي سان ڊائو يونيورسٽي جي اسپتال سان واسطو رکندڙ ٻارن جي مرضن جي ماهر ڊاڪٽرياڻي ٻڌايو ته ٻارن جو وزن وڌڻ طبي عملن جهڙوڪ هارمونل مسئلن سبب به ٿي سگھي ٿو پر ائين تمام گهٽ ٿيندو آهي.

هن چيو ته جن ٻارن جي گھرڀاتين جو وزن وڌيڪ هوندو انهن جي ٻارن جو به وزن وڌڻ جا امڪان وڌيڪ هوندا آهن پر ان ۾ به اهم ڪردار ان ٻارن جي روزانو جي کاڌي پيتي ۽ ٻين عادتن تي هوندو آهي.

ڊاڪٽرياڻي ٻڌايو ته وڌيڪ ڪيلوريز واري خوراڪ کائڻ جهڙوڪ فاسٽ فوڊ، سيڪيل شيون، سنيڪس وغيره کائڻ سان به اوهان جي ٻارن جو وزن وڌي سگھي ٿو. ان کانسواءِ ڪينڊيز، چاڪليٽس ۽ مٺا شربت به وزن وڌائڻ جو هڪ وڏو سبب مڃيا ويندا آهن.

سندس چوڻ هو ته ٿلهن ٻارن کي دير تائين بکيو رکڻ ته اهي سنهڙا ٿي ويندا نقصانڪار عمل آهي. ان لاءِ ڊاڪٽر جي مشوري سان ٻار جو ڊائيٽ پلان بڻايو.

ڊاڪٽرياڻي سيما آفتاب ٻڌايو ته ان معاملي ۾ ڪجهه ميڊيڪل ٽيسٽ اوهان جي رهنمائي ڪري سگھن ٿا جن ۾ ٻارن جو هارمون ٽيسٽ ڪرائڻ به ضروري آهي ان کانسواءِ اهڙن ٻارن ۾ ٿائرائڊ جو مسئلو به پيدا ٿي سگھي ٿو ان ڪري والدين کي گھرجي ته ٻارن جي ٿولهه کي سولو هرگز نه وٺو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.