جهرڪ ڀرسان مسافر وين ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، عورتن سميت 7 ڄڻا فوت

 

ٺٽو (ويب ڊيسڪ) ٺٽي ۾ جهرڪ ڀرسان ٽرڪ ۽ وين ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ عورتن سميت 7 ڄڻا فوت ۽ 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پوليس موجب حيدرآباد – ٺٽي قومي شاهراهه تي جهرڪ ڀرسان مسافر وين ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر ٿيو، حادثي جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت ۽ 15 زخمي ٿي پيا.

ريسڪيو اختيارين موجب حادثو تيز رفتاريءَ سبب پيش آيو، فوتين ۾ ٻه عورتون ۽ هڪ ٻارڙي به شامل آهي.

ريسڪيو اختيارين ٻڌايو ته حادثي ۾ زخمي ٿيندڙن ۽ فوت ٿيلن جا مڙهه اسپتال پهچايا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.