پاڪستان جو واحد ڳوٺ جتي ڪو به اڻ پڙهيل ناهي، سڀ آفيسر آهن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي صوبي پنجاب جي ضلعي راجن پور ۾ اهڙو ڳوٺ به آهي جتي ڪو به اڻ پڙهيل ناهي.

راجن پور جي ڳوٺ رسول پور ۾ تعليم جي شرح 100 سيڪڙو ۽ ڏوهن جي شرح نه هجڻ جي برابر آهي.

راجن پور جو وٺ رسول پور 1933ع ۾ قائم ٿيو جتي آبادي 10 هزار جي ويجهو آهي، اتان جا ٻار، پوڙها نوجوان ۽ عورتون پڙهيل لکيل آهن، ڳوٺ ۾ ڪو به ان پڙهيل ناهي، ننڍي کان ننڍي دڪان تي گريجويٽ يا ايم اي شخص ويٺل آهي، اتان جا گھڻا ماڻهو ڊاڪٽر، پي ايڇ ڊي، پائلٽ، انجينئر ۽ استادن سميت ٻين اعليٰ ادارن ۾ مقرر آهن.

اتي ماڻهو ٻنيون به ڪندا آهن، ترقياتي ڪمن هجن يا ٻيا مسئلا، اهي پاڻ ۾ گڏجي طئي ڪري وٺندا آهن، ان ڳوٺ ۾ اڄ تائين ڪنهن به شخص تي ڪا به ايف آءِ آر داخل ناهي ٿي.

مقامي ڊاڪٽر دلاور سليم ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڳوٺ رسول پور جا ماڻهو تعليم سان گڏوگڏ پوک به ڪندا آهن، ڳوٺ ۾ خوبصورت انبن جا باغ به آهن، ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت ان ڳوٺ کي ماڊل بڻايون ويٺا آهن، ڳوٺ جي صفائي جو خاص خيال رکيو ويندو آهي، ڳوٺ جو ترقياتي ڪم هجي يا ڪو مسئلو، پاڻ ۾ گڏجي منصوبابندي ڪندا آهيون.

مقامي ليکڪ، اديب ۽ شاعر جمشيد ڪمتر رسولپوري چيو ته رسول پور ڳوٺ جڏهن کان ٺهيو آهي ڪنهن به شخص تي ڪا به ايف آءِ آر ناهي ٿي، ڳوٺ ۾ پان، سگريٽ جو دڪان ناهي.

رسول پور جي ماڻهن جي ٻڌي سان ان کي هڪ مثالي ڳوٺ بڻائي ڇڏيو آهي، اسان به گڏجي پنهنجي شهر ۽ ڳوٺ کي اهڙيءَ طرح مثالي بڻائي سگھون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.