سنڌ حڪومت کان گرانٽ وٺندڙ صحت ادارن کي آڊٽ ڪرائڻ جو حڪم

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي نگران حڪومت صوبائي فنڊن مان سالياني گرانٽ وٺندڙ صحت جي ادارن کي آڊٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سنڌ جي نگران انتظاميا هڪ ارب رپيا سالياني گرانٽ وٺندڙ سڀني ادارن کي آڊٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته سٺي شهرت واري پرائيويٽ اداري کان گرانٽ جي آڊٽ ڪرايو.

نگران صوبائي انتظاميا طرفان چيو ويو آهي ته هڪ ارب کان وڌيڪ گرانٽ وٺندڙ ادارا به 4 وڏين ڪمپنين مان هڪ کان گرانٽ جي آڊٽ ڪرائين.

واضح رهي ته سنڌ حڪومت کان سالياني بنيادن تي گرانٽ وٺندڙ صحت جي ادارن ۾ 34 سرڪاري ۽ غير سرڪاري اسپتالون ۽ اين جي اوز شامل آهن.

نگران صوبائي اختيارين طرفان لاڳاپيل ادارن کي اهو به چيو ويو آهي ته گرانٽ وٺندڙ طبي ادارا سنڌ حڪومت جي مشهوري به ڪن، اهي پنهنجي اسٽيشنري تي سنڌ حڪومت جو لوگو ڇاپين ۽ هڪ سيڪڙو کان گهٽ رقم سنڌ حڪومت جي مشهوري تي به خرچ ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.