ڪراچي ۾ واپاري ڪي اليڪٽرڪ عملي تي ڏمرجي پيا، چماٽن جو وسڪارو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ واپاري ڪي اليڪٽرڪ عملي تي ڏمرجي پيا ۽ کين ڪٽڪو ڏنو.
ٽمبر مارڪيٽ ۾ واپارين ڪي اليڪٽرڪ عملي تي چماٽن جو وسڪارو لائي ڏنو، اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي پڻ وائرل ٿي وئي آهي.
واپاري اڳواڻن موجب ڪي اليڪٽرڪ عملو جمبر ۽ ميٽر لاهڻ آيو هو، اسان واڌو بل ڪنهن به صورت ۾ ادا نه ڪنداسين، ان معاملي تي لکت طور ڪي اليڪٽرڪ کي آگاهه ڪري چڪا آهيون.
هنن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ عملي وٽ ڪو اجازت نامو نه هو، جمپر ۽ ميٽر لاهڻ بنا جواز آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.