ابوظهبي(ويب ڊيسڪ) شوبز انڊسٽري توڙي راندين جي دنيا سان سلهاڙيل ستارا مختلف جاين تي هڪٻئي سان ملندا رهندا آهن جن بابت ميڊيا ۾ خبرون اچڻ کان اڳ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جهڙوڪ فيس بوڪ ٽوئيٽر ۽ انسٽاگرام وغيره تي انهن جي ملاقاتن جون تصويرون ۽ تفصيل وائرل ٿي ويندا آهن.
پاڪستان ۽ هندستان ۾ وڏي عرصي کان مختلف معاملن تي ڇڪتاڻ راندين توڙي شوبز سان سلهاڙيل شخصيتن تي ته اثر انداز گهٽ ٿيندي آهي پر اداڪارن، اداڪارائن ۽ رانديگرن توڙي رانديگرياڻين جا مداح پاڻمرادو طور انهن جي ملاقاتن جا اندازا ۽ امڪان ظاهر ڪندا رهندا آهن.
بهرحال پاڪستاني فلم توڙي ٽي وي انڊسٽري جي وڏي نالي فهد مصطفيٰ ۽ ڀارتي فلم انڊسٽري جي سپر اسٽار رنوير سنگهه وچ ۾ ملاقات ٿي آهي.
ٻنهي اداڪارن ۾ ملاقات هڪ فلم فيئر نائيٽ ۾ ٿي جنهن تي ٻئي هڪا ٻَڪا رهجي ويا.
پاڪستاني اداڪار فهد مصطفيٰ ڀارتي اداڪار رنوير سنگهه سان پاڻ وڃي مليو ۽ کانئس حال احوال ڪري پنهنجي جاءِ تي اچي ويٺو.
ان کان اڳ فهد مصطفيٰ ناليواري ڀارتي ڪاميڊين اداڪار گووندا سان جهُڪي مليو هو جنهن تي کيس پاڪستان ۾ سخت تنقيد جو به نشانو بڻايو ويو هو ته هو ڀارتي اداڪارن کي پيرين پئي وڃي پاڻ مليو، پر فهد مصطفيٰ سينيئر اداڪار جي حيثيت سان گووندا کي جهُڪي مليو.