ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيرِ اعظم شهباز شريف کي ڪرڪيٽ ۾ گهڻي دلچسپي آهي ۽ هو وقت به وقت پاڪستاني رانديگرن جي ساراهه ڪندو رهندو آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي شهباز شريف پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين آفريدي، نسيم شاهه ۽ حارث رئوف جي ساراهه ڪئي.
The best bowling attack in the world! https://t.co/wcLFYmLIUk
— Shehbaz Sharif (@CMShehbaz) August 23, 2023
ڪرڪيٽ ويب سائيٽ اي ايس پي اين طرفان شاهين، حارث ۽ نسيم جون تصويرون شيئر ڪيون ويون ۽ سوال ڪيو ويو ته ڇا هي دُنيا جو بهترين بالنگ اٽيڪ آهي؟.
جواب ۾ جتي پاڪستاني مداحن سميت پرڏيهي پرستارن تبصرا ڪيا، اتي پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف به ان سوال جو جواب ڏنو ۽ چيو ته هي دنيا جو بهترين فاسٽ بالنگ اٽيڪ آهي.
واضح رهي ته اِها ٽوئيٽ افغانستان ۽ پاڪستان وچ ۾ کيڏيل پهرين ون ڊي ميچ کانپوءِ سامهون آئي هئي جنهن ۾ پاڪستاني بالرن جي تباهه ڪُن بالنگ آڏو افغانستان جي ٽيم 59 رنسن جي ڍير ٿي وئي هئي.