اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) هڪ خابرو اداري پنهنجي رپورٽ ۾ د عويٰ ڪئي آهي ته حڪومت سڄي ملڪ ۾ هر قسم جون موبائل فونز آسان قسطن تي ڏيڻ جي حوالي سان سفارشون طلب ڪري ورتيون آهن.
رپورٽ موجب ان حوالي سان گذريل ڏينهن انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي وزارت ۾ ڊائريڪٽر جنرل ايم او آءِ ٽي جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سڀني موبائل فون ڪمپنين جي نمائندن کي آگاهه ڪيو ويو ته حڪومت آسان قسطن تي موبائل فونز ڏيڻ جي حوالي سان قانون سازي ڪرڻ چاهي ٿي، جنهن کانپوءِ پاڪستان ۾ سڃاڻپ ڪارڊ رکندڙ سمورا ماڻهو ڪمپنين کان موبائل فون قسطن ذريعي حاصل ڪري سگهندا.
قسط ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ موبائل فون واهپيدار جو سڃاڻپ ڪارڊ يا وري موبائل فون جي آءِ ايم اي آءِ کي بلاڪ ڪيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ان حوالي سان سفارشن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سڀني کاتن کي اعتماد ۾ ورتو ويندو.
You might also like