ايف بي آر چيئرمين اداري ۾ اربين رپين جي ڪرپشن جو انڪشاف ڪندي بي وسي ظاهر ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) چيئرمين زبير امجد ٽوانا انڪشاف ڪيو آهي ته ايف بي آر ۾ 500 کان 600 ارب رپين جي ڪرپشن ٿيندي آهي.
سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ ڳالهائيندي زبير امجد ٽوانا چيو اداري لاءِ ممڪن ناهي ته ايف بي آر جا سڀني 25000 ملازمن جا اثاثا چيڪ ڪري سگهي، مقرري ۽ ترقي جي موقعي تي ملازمن لاءِ لازمي آهي ته اها پنهنجا اثاثا ظاهر ڪن.
سينيٽر ڪامل علي آغا چيو ايف بي آر 25 هزار ملازمن جا اثاثا چيڪ نٿو ڪري سگهي ته 25 ڪروڙ ماڻهن جا اثاثا ڪيئن چيڪ ڪندو؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.