سي پي ايل ۾ پاڪستاني بالرن تباهي مچائي ڇڏي، وڊيو ڏسو

ڪيريبيئن پريميئر ليگ ( سي پي ايل ) ۾ سلمان ارشاد ۽ محمد عامر تباهي مچائي ڇڏي .

محمد عامر ۽ سلمان ارشاد ويسٽ انڊين ليگ ۾ جميڪا تلاواز جي نمائندگي ڪري رهيا آهن.

سلمان پيٽرياٽس خلاف پهرين ئي اسپيل  ۾ ٽي وڪيٽون حاصل ڪيون، سلمان ارشاد ڀارتي بيٽر امباتي رائيڊو کانسواءِ آندري فليچر، جوشوا ڊي سلوا ۽ ڪوربن بوش کي آئوٽ ڪيو.

 

شاندار ڪارڪردگي جي بنياد تي سلمان ارشاد کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، جڏهن ته ميچ ۾ پاڪستان جي فاسٽ بالر محمد عامر ٽن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو ۽ عماد وسيم به هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.