هاڻ جرمن شهري بڻجڻ سولو ٿي ويو

برلن (ويب ڊيسڪ) جرمن حڪومت اڄ هڪ نئون قانون متعارف ڪرايو آهي جنهن جي منظوري کان پوءِ هاڻ غير ملڪين جو جرمني جي شهريت حاصل ڪرڻ وڌيڪ سولو ٿي ويندو.

پرڏيهي ميڊيا موجب جرمن پارليامينٽ شهريت جي نئين قانون کي منظوري لاءِ پيش ڪيو آهي جنهن ۾ جرمني جي شهريت حاصل ڪرڻ لاءِ گھٽ ۾ گھٽ 8 سال رهڻ وارو مدو گھٽائي 5 سال ڪيو ويو آهي جڏهن ته ان قانون کان پوءِ ٻٽي شهريت رکندڙ به جرمني جي شهريت جي اهل هوندا.

اهو قانوني مسودو جرمن پارليامينٽ ۾ عورت گھرو وزير نينسي فائزر طرفان پيش ڪيو ويو آهي جنهن جي پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن مان منظوري ٿيڻي آهي.

ڄاڻايل مسودي موجب جيڪي ماڻهو  جرمن ٻولي ۾ اعليٰ مهارت جو مظاهرو ڪندا، اهي رڳو ٽن سالن کان پوءِ شهريت حاصل ڪري سگھندا جڏهن ته ان نئين قانون تحت اصولي طور تي ٻٽي شهريت رکڻ به ممڪن ٿي ويندو.

پر اهي ماڻهو جن کي ملڪي سلامتي مخالف يا نسل پرستاڻن ڏوهن ۾ سزا ملي چڪي هجي ته انهن کي جرمن شهريت نه ڏني ويندي.

نينسي فائزر جو چوڻ هو ته اسان دنيا جي بهترين ذهنن کي پنهنجي ملڪ آڻڻ چاهيون ٿا ۽ ان حوالي سان عالمي مقابلو سخت آهي.

واضح رهي ته جرمني کي هنرمند پرڏيهين جي ضرورت آهي ۽ ان حوالي سان جرمن شهريت حاصل ڪرڻ جي قانونن کي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ سخت قرار ڏنو ويندوآهي.

اهو ئي سبب آهي جو جرمن حڪومت شهريت ۽ ويزا حاصل ڪرڻ جي قانونن کي نرم بڻائڻ چاهي ٿي ته جيئن ملڪ هنرمند پرڏيهين لاءِ پرڪشش بڻجي سگھي. ان نئين قانون تحت ٻٽي شهريت رکڻ جو رستو به کلي ويندو.

ٻٽي شهريت جو حق اڃا تائين يورپي يونين ۽ سوئس شهرين تائين ئي محدود رکيو ويو هو جڏهن ته ان حوالي سان ڪجهه ملڪن کي ڇوٽ ڏني وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.