9 مئي واقعا: تحريڪ انصاف چيئرمين کي 6 ڪيسن جي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جي اجازت

لاهور (ويب ڊيسڪ) پوليس کي 9 مئي تي ڀڃ ڊاهه جي ڪيسن ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين کي 6 ڪيسن ۾ جاچ ۾ شامل ڪرڻ جي اجازت ملي وئي.
پوليس لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين کي 9 مئي تي ڀڃ ڊاهه جي ڪيسن جي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي.
پوليس جي درخواست ۾ چيو ويو ته تحريڪ انصاف چيئرمين اٽڪ جيل ۾ آهي، کانئس 9 مئي جي ڪيسن ۾ جاچ جي اجازت ڏني وڃي.
عدالت پوليس جي درخواست منظور ڪندي عمران خان کي 6 ڪيسن جي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.