ايشيا ڪپ ۾ ڀارتي ٽيم پاڪستان لاءِ مسئلا کڙا ڪري سگهي ٿي، اڳوڻي ڪپتان خبردار ڪري ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان راشد لطيف چيو آحي ته ڀارتي ٽيم مڊل اوورز ۾ مضبوط ٽيم آهي تنهنڪري پاڪستان ٽيم کي ان دوران سٺي بالنگ جو مظاهرو ڪرڻو پوندو.

ويجهڙائي ۾ ڊجيٽل ميڊيا کي انٽرويوءَ دوران ايشيا ڪپ ۾ پاڪ-ڀارت ٽاڪري تي ڳالهائيندي راشد لطيف چيو ته ميگا ايونٽ ۾ پاڪستان جي کٽڻ جا وڌيڪ امڪان آهن.

هن چيو ته اسان جو فاسٽ بالنگ شعبو بهترين آهي، جيڪڏهن پاڪستان جي بيٽنگ لائين جي ڳالهه ڪجي ته پاڪستان جا ٽي رانديگر فخر، بابر ۽ امام بهترين بيٽر آهن، جڏهن ته شاهين، حارث نسيم ۽ محمد نواز پاڪستان جي بالنگ لائين لاءِ اهم آهن.

سندس چوڻ هوته ڀارتي ٽيم ڏکيائين جو شڪار آهي، پاڪستان ٽيم جي بيٽنگ پاور پلي دوران سلو آهي، پاور پلي ۾ اسان جي بالنگ سٺي آهي هوندي آهي پر ڊيٿ اوورن ۾ اسان وٽ پاور هٽرز جي کوٽ آهي.

اڳوڻي وڪيٽ ڪيپر بيٽر چيو ته 11 کان 40 اوورن دوران اسان جي بالرن جي ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي ڇو ته انهن اوورن دوران وڪيٽون حاصل ڪرڻ ۾ مشڪل پيش اچي ٿي.

هن چيو ته ڀارت سان مقابلي وقت انهن اوورن دوران سٺي ڪرڪيٽ کيڏڻي پوندي ڇو ته ڀارتي ٽيم مڊل اوورز جي انتهائي مضبوط ٽيم آهي ۽ ون ڊي ۾ گيم مڊل اوورز ۾ ئي سيٽ ٿيندي آهي.

راشد لطيف پاڪستاني بالرن جي ساراهه ڪندي چيو ته بابر اعظم جيڪو پاڪستان ٽيم لاءِ ڪري ڏيکاريو آهي اِها ٽريڊ پليئر جي نشاني آهي.

هن وڌيڪ چيو ته جنهن نموني بابر اعظم پنهنجي ڪارڪردگي سان ماڻهن کي غلط ثابت ڪري ڇڏيو، بابر مئچور ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.