بجلي في يونٽ ساڍا پنج رپيا مهانگي،عوام ۾ ڪاوڙ وڌي وئي آهي: تجزئي نگار

اسلام آباد(م ڊ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي جي اگهن ۾ 5 رپيا 40 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. نيپرا ۾ مالي سال 23-2022 جي چوٿين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ  تي ٻڌڻي ٿي. نيپرا بجلي جي اگهن ۾ 5 رپيا 40 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اها منظوري مالي سال 23-2022ع جي چوٿين ٽه ماهي جي ايڊجسٽمينٽ جي لاءِ ڏني وئي آهي.  بجلي جي قيمت لائيف لائن صارفين تي لاڳو نه ٿيندي. نيپرا بجلي جي اگهن ۾ واڌ بابت ٻڌڻي جو تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪندو، حتمي فيصلو ۽ نوٽيفڪيشن وفاقي حڪومت جاري ڪندي.  ٻڌڻي دوران نيپرا ميمبر رفيق شيخ چيو ته دعا ڪريو ته الله بهتر ڪري، اسان به صارفين وانگر بل ادا ڪريون ٿا. واضح رهي ته نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) سرڪاري ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ قيمتن ۾ واڌ جي چوٿين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي درخواست ڪئي وئي هئي.

ڪراچي/اسلام آباد(رپورٽر+م ڊ)ڪراچي ۾  واپاري برادري پاران بجلي گيس جي لوڊشيڊنگ، واڌو بلن ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ  خلاف ريگل چوڪ وٽ احتجاجي مظاهرو، مظاهرين ڪاوڙ جو اظهار ڪندي بجلي بلن کي باه ڏئي بل ادا نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو،واپارين چيو ته ڪي اليڪٽرڪ هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري واڌو بل موڪلي واپارين سان ظلم ڪري رهي آهي لوڊشيڊنگ سبب ڪاروبار سخت متاثر ٿي رهو آهي، بجلي، گيس، پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ وارو فيصلو واپس وٺي واپارين کي جيئڻ جو حق ڏئي  ملڪي  معيشت جو ڦيٿو هلڻ ڏنو وڃي،هنن چيو ته  آء ايم ايف جو قرض ۽ وياج جو بار واپارين سميت عام ماڻهو تي وڌو ويو آهي جنهن جي عوام ۾ هاڻي سگهه ناهي رهي، حڪمران پنهنجون عياشيون گهٽ ڪري عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ اپاءُ وٺن، حڪومت هن مهيني ۾  تيل جي قيمتن ۾ 37 روپيا کان مٿي واڌ ڪري عام ماڻهو کي نپوڙي ڇڏيو آهي، واپارين چيو ته پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ سبب مهانگائي جو طوفان آيو آهي هزارين مزدور بيروزگار ٿي ويا آهن، ڪاروبار تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن، پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي آندي وڃي. حڪومت ڪي اليڪٽرڪ جو لائسنس فوري طور ختم ڪري ، هوڏانهن  تجزئي نگار حامد مير چيو آهي ته اسان کي ٻڌايو ويندو هو ته ٽيڪنوڪريٽس ڊالر کي قابو ڪري سگهن ٿا ۽ معيشت به سنواري سگهن ٿا پر جڏهن کان ملڪي معيشت نگران ٽيڪنوڪريٽس حوالي ڪئي وئي آهي ڊالر هڪ ئي هفتي ۾ بي قابو ٿي ويو آهي، هن وقت عوام جو سڀ کان وڏو مسئلو انهن جي معيشت آهي، ماني 30 رپين جي ٿي وئي آهي، اٽي جو اگهه سال ۾ 45 سيڪڙو وڌيو آهي، سينئر صحافي عاصمه شيرازي چيو آهي ته بجلي وڌيڪ مهانگي ٿي وئي آهي، عوام ۾ ڪاوڙ آهي، لوڊشيڊنگ جاري آهي، هر روز هتي ڪو نه ڪو الميو آهي،هن چيو ته پاڪستاني عوام غربت جي لڪير هيٺيان ڦاسي رهيو آهي،سياسي جماعتون پنهنجي مسئلن ۾ ڦاٿل آهي،  هڪ افراتفري آهي، عوام جي ڪاوڙ کي ڪو رستو نه مليو ته اهو خطرناڪ ثابت ٿيندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.