ھنڱورجا(ن ع آ) سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گھانگھرو شھيد نياڻي فاطمه ڦرڙو.صحافي جان محمد مھر جي قاتلن گرفتاري، معصوم نينگري پريا ڪماري سميت سنڌ مان اغوا ٿيلن ماڻھن جي بازيابي لاءِ 27 آگسٽ تي قومي شاهراھ ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻو ھڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي ھنڱورجا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ھن چيو ته راڻي پور جي پيراڻي حويلي ۾ معصوم نياڻي فاطمه ڦرڙو کي جنسي حوس جو نشانو بڻائي ان کي قتل ڪيو ويو آھي پر قاتل با اثر ھجڻ ڪري قانون جي پڪڙ کان آجا آھن ۽ نياڻي جو خون رائيگان ڪرڻ لاءِ ڀوتار ڪوششون ڪن پيا پر سنڌ جا غيرتمند ماڻھوھرگز نياڻي جو خون رائيگان ٿيڻ نه ڏيندا نياڻي جي خون ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ملڻ تائين جدوجھد جاري رکي ويندي ھن چيو ته سکر ۾ بھادر صحافي جان محمد مھر کي ڏينھن ڏٺي جو قتل ڪيو ويو پر 10ڏينھن گذرڻ باوجود قاتل گرفتار ٿي ناھن سگھيا ،سنڌ ۾ امان جي صورتحال انتھائي خراب آھي جو اڍائي سالن کان معصوم نياڻي پريا ڪماري اغوا ٿيل آھي جنھن کي پوليس بازياب ناھي ڪرايو ان کان سواءِ ڪيترائي ماڻھو ڌاڙيلن وٽ يرغمال آھن پر پوليس ڌاڙيلن آڏو بي وس بڻيل آھي ان موقعي تي حمزه علي چانڊيو پڻ گڏ ھيو