عمران جي بشريٰ بي بي سان شادي جي خواهش تي حيران ٿي ويس: عون چوڌري

اسلام آباد( م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي اڳوڻي ويجهن ساٿي عون چوڌري جو چوڻ آهي ته عمران خان جي بشرا بي بي سان شادي  ڪرڻ جي خواهش ٻڌي حيران ٿي ويو پر هو ان کان 15 کان 20 سال ننڍو هو ان ڪري ڪجهه نٿو چئي سگهي. جيو نيوز جي پروگرام  ۾ ميزبان سهيل وڙائچ جي سوال تي عون چوڌري عمران خان جي بشريٰ بي بي سان شادي ڪرڻ جي خواهش بابت ڳالهايو. هن چيو ته مان عمران خان جو وفادار ساٿي هئس، هو مون کي خاندان جو ميمبر ۽ سٺو دوست سمجهندو هو، پر جڏهن هن ٻڌايو ته هو بشريٰ بي بي سان شادي ڪرڻ چاهي ٿو ته مان حيران ٿي ويس ته ڇا اهي خوش آهن؟ پوءِ هن چيو ته ها!ان کان پوءِ مون انهن ٻنهي جي شاديءَ ۾ گواهه طور شرڪت ڪئي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.