ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) سٽي ڊسٽرڪٽ پوليس ۽ حساس اداري ڪالاڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ گڏيل ڪارروائي ڪندي سڄي ملڪ ۾ جاسوسي ۾ ملوث ڀارتي جاسوس ۽ سندس سهولتڪار کي گرفتار ڪري 2 ڀارتي پاسپورٽ، 1 پستول، 5 لک روڪ رقم هٿ ڪري ورتي. جوابدارن جي قبضي مان ايراني ڪرنسي، جعلي زيورن جا باڪس، 6 موبائيل فون، 1 ٽيبليٽ ۽ ٻيا دستاويز هٿ ڪيا ويا. ايس ايس پي سٽي عارف عزيز موجب گرفتار ڀارتي جاسوس جي سڃاڻپ اکل ديو ولد مدھو سدهانا جاليڪا ۽ سهولتڪار ظهور احمد ولد امام بخش جي نالن سان ٿي آهي. ايس ايس پي سٽي موجب جوابدار ملڪ جي مختلف اهم ۽ حساس هنڌن تي جاسوسي ڪندو هو.