ڪورنگي ۾ ڦورن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل اهلڪار شهيد

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي زمان ٽائون جي  ڪورنگي ڪراسنگ ڀرسان ڦورن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل پوليس اهلڪار  شعيب جناح اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو. مقتول ڪراچي پوليس آفيس ۾ نائب قاصد طور ڪم ڪري رهيو هو ته سومر تي نامعلوم جوابدارن سندس گهر ڀرسان گوليون هڻي کيس سخت زخمي ڪري ڇڏيو. هوڏانهن جناح اسپتال ۾ طبي امداد دوران هو فوت ٿي ويو، سندس ڀيڻ جي فرياد تي نامعلوم  ڦورن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.