ڪراچي(رپورٽ: جي ايم کوکر)نگران وزير اعظم انوارالحق ڪاڪڙ سنڌ جي سمورن کاتن مان اعلي آفيسرن کي فوري هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي،سندس چوڻ آهي ته ٻين صوبن مان بدلي ٿي آيل آفيسرن جي مقرري جو سبب ايمانداري کي ظاهر ڪرڻ آهي اهو ئي سبب آهي جو مون رات چيف سيڪريٽري سنڌ کي رجيم چينج جو حڪم ڪيو آهي ته جيئن سنڌ جي سمورن کاتن ۾ ايماندار آفيسر مقرر ٿيل هجن. هن چيو ته ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ امن امان ءِ اسٽريٽ ڪرائم کان ڏاڍي نفرت ڪندو آهيان چاهيان ٿو ته جيڪو فيملي وٺي دو دريا تي ماني کائڻ دوران ڦورن هٿان لٽجي وڃي ته ان ۾ ان جو نه پر اسان جو قصور آهي اسان کي اندر ۾ جهاتي پائي ڏسڻ گهرجي ته اسان ڪاڏي پيا وڃون، هن چيو ته پوليس پاڻ کي ڌاڙيل ٿيڻ کان بهتر آهي ته هو عوام جي تحفظ وارو فرض نڀائي پاڻ کي پوليس وارو ظاهر ڪري ته بهتر ٿيندو،گورنر هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وزير اعظم هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وزير اعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته بلوچستان جي محرومي تڏهن ختم ٿيندي جڏهن سمورا سياسي اسٽيڪ هولڊر جن ۾ پيپلزپارٽي، پشتونخوا ملي پارٽي، جي يو آئي،مينگل صاحب جي پارٽي سميت ٻيون پارٽيِون هڪ پليٽ فارم تي ويهي گڏجي هڪ موقف تي بيهي رهنديون ته مان پڪ ڏين ٿو ان ڏينهن کان بلوچستان جا سمورا مسئلا حل ٿي ويندا، هن چيو ته ڀبوچستان ۾ انڊيا جيان هڪ اهڙواسٽيڪ هولڊر آهي جنهن جي هٿن ۾ هٿيار آهن پر اهي تعداد ۾ تمام ٿورا آهن جيڪي اسان جي سيڪيورٽي ادارن مٿان حملا ڪن ٿا پر مان انهن کي واضحٻڌايان ٿو ته انهن جي اهڙن ارادن کي اسان ڇڪنا چور ڪري ڇڌينداسين، بلوچستان جي دهشتگردن کي انڊيا سپورٽ ڪري ٿي ءِ وزيرستان وارا مذهب کي بنياد بڻائي ڪاروايون ڪن ٿا جيڪي بلڪل غلط رستي تي آهن . هن چيو ته خودڪش حملن وارن لاءِجنت ناهي هو جهنم جا ڪتا آهن هن چيو ته نگران حڪومت عام اليڪشن ڪرائڻ آئي وزير اعظم وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ مهنگائي کان واقف آهيان جيڪو واعدو ڪندس ان تي عمل به ٿيندو ان لاءَ سڀ کان پهريان ڪڻڪ سستي ڪرڻ لاءَ هڪ ڪميٽي جوڙي آهي ته جئين غريبن کي اٽو سستو ملي هوڏانهن انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪراچي پاڪستان جو معاشي مرڪز آهي، ڪاروباري برادري جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا، پنهنجي مقرر مدي ۾ ملڪ جي لاءِ جيڪو ڪجهه ٿي سگهيو ڪنداسين. هن اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه اربع ڏينهن ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن سان تعلق رکندڙ ڪاروباري شخصيتن سان ڳالهائيندي ڪيو،هن چيو ته بجلي ۽ گئس جا مسئلا يقينن آهن ۽ انهن کي پنهنجي وسيلن موجب حل ڪنداسين. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته اسان جو مينڊيٽ تمام محدود آهي، اسان کي چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻي آهي ۽ روزاني جا معاملا هلائڻا آهن، قومي ۽ عالمي معاهدن جي پاسداري ڪرڻي آهي، آئيني ۽ قانوني معاملن جو تسلسل قائم رکندي نئين جمهوري حڪومت قائم ٿيڻ تائين پنهنجون ذميواريون نڀائينداسين ته جيئن نظام ۾ ڪا رڪاوٽ پيدا نه ٿئي ملڪ کي خوراڪ جي کوٽ درپيش ۽ ماڻهو مايوسي جو شڪار آهن، سوال اهو آهي ته اسان هر شيءَ کي منفي انداز ۾ ڇو ٿا وٺون. هن چيو ته پاڪ فوج، ضلعي انتظاميا ۽ مقامي ماڻهن بٽگرام ۾ چيئر لفٽ ۾ ڦاٿل ٻارن کي گڏجي ريسڪيو ڪيو، ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ادارن جي صلاحيت ۾ وڌيڪ اضافو ڪرڻو پوندو، اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي جي صلاحيت ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي، پاڪ فوج جي ريسڪيو آپريشن اسان جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيو، انهن ٻارن کي ريسڪيو ڪرڻ اصل مسئلو هو، سوشل ميڊيا تي ان معاملي کي غلط رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.