بٽگرام( م ڊ) بٽگرام ضلعي جي علائقي پشتو الائي ۾ ريسڪيو آپريشن ڪندڙ صاحب خان چيو ته ڏاڏو ۽ پيءُ به ڏولي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي بچائڻ جو ڪم ڪيو، مون به ساڳيو ڪم شروع ڪيو. ڪيبل ڪار ريسڪيو آپريشن ۾ هيرو قرار ڏنل صاحب خان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڏولي ۾ ڦاٿل ٻارڙيءَ کي بچائڻ کانپوءِ خوشي جو ڪو به هنڌ نه رهيو.