لاهور (م ڊ) ڊائريڪٽر جنرل پراونشل ڊيذاسٽر مينجمنٽ اٿارٽي پنجاب عمران قريشي چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ستلج درياهه جي مٿين علائقن ۾ وڌيڪ برساتون ٿيون، جن جي سبب دريا ۾ پاڻي جي سطح ۾ وڌيڪ اضافي جو خدشو آهي. جڏهن ته ايندڙ 3 ڏينهن ۾ جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ مٿين درجي جي ٻوڏ جو به خطرو آهي، سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، هڪ لک ماڻهن لڏپلاڻ ڪئي آهي، ستلج درياهه جي ٻوڏ جي سبب قصور، اوڪاڙه، پاڪپتن، وهاڙي، بهاولنگر، ملتان، لوڌران ۽ بهاولپور جي هيٺين علائقه ٻوڏ جي زد ۾ آهن، ڊي جي پي ڊي ايم اي وڌيڪ چيو ته پنجاب جي ٻين دريائن ۾ پاڻي جو وهڪرو نارمل آهي