صدر هئڻ تائين عارف علوي خلاف ڪا به ڪارروائي نٿي ٿي سگهي: مرتضيٰ سولنگي

اسلام آباد (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اسان ڪنهن به سياسي پارٽي جي حق ۾ ۽  مخالف نه آهيون، ملڪ جي آئين ۽ قانون تحت هلندڙ ڪنهن به ڪارروائي ۾ اسان ڪنهن به قسم جي مداخلت جو ارادو نه ٿا رکون، اليڪشن ڪميشن آئيني ادارو آهي، صاف، شفاف، غيرجانبداراڻي ۽ آزاد چونڊون منعقد ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته مهانگائي هڪ حقيقت آهي، عوام جي مشڪلاتن جو احساس آهي، ڪو به ملڪ مهانگو تيل خريد ڪري سستو وڪرو ڪرڻ کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. صدر جي ٽوئيٽ جي حوالي سان هن چيو ته صدر جنهن ڏينهن ٽوئيٽ ڪيو انهي ڏينهن اسان قانوني پوزيشن واضح ڪري ڇڏي هئي. صدر کي رياستي نظام ۾ اهم حيثيت حاصل آهي، صدر آئين تحت پارليامينٽ جو حصو آهي، اسان جي حڪومت انهن جي منصب جو احترام ڪري ٿي. چيئر لفٽ واقعي جو ذڪر ڪندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته اسان جي جوانن پيشيواراڻي انداز ۾ بهادري سان ٻارن کي ريسڪيو ڪيو، مقامي ماڻهن به بهادري جو مظاهرو ڪيو جڙانوالا واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي سزا ملنديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.