ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي بجلي جي بلز ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي جي شديد aمذمت ڪندي چيو آهي ته بدترين لوڊشيڊنگ باوجود مختلف ٽيڪس لڳائي عوام کي ذهني مريض بڻايو ويو آهي، مهانگائي ۽ بجلي بلن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي جي ڪري اڄ واپارين سميت هر شهري پريشان آهي، حڪومت جو ڪم رڳي ٽيڪس لڳائي عوام جي کيسن تي ڌاڙو هڻڻ نه بلڪ صحت، تعليم، امن امان ۽ صاف پاڻي سميت بنيادي انساني سهولتون فرام ڪرڻ آهي، پر پاڪستاني حڪمرانن جو سمورو زور عوام مٿان ڳرا ٽيڪس لڳائي سندن زندگين کي جهنم بڻائڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه رهيو آ، صوبائي امير اڄ هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته عوام، واپاري ۽ صنعتڪار هاڻي ڳرا بل ادا ڪونه ڪندا،