نگران وزيراعظم سان جسٽس(ر) مقبول باقر جي ملاقات،انتظامي معاملن تي ڳالهيون

ڪراچي (رپورٽر) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر ڪالهه اربع ڏينهن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾  سنڌ جي نگران وڏي وزير وزيراعظم کي سنڌ حڪومت جي انتظامي معاملن ۽ نگران حڪومت کي درپيش مشڪلاتن کان آگاهه ڪيو. ڪالهه اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم سنڌ جي نگران وڏي وزير کي انتظاميا معاملن کي موثر طريقي سان سرانجام ڏيڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت جي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ۽ نگران وڏي وزير آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن سان مڪمل تعاون ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.