ڪراچي (رپورٽر) اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر وڌيڪ مهانگو ٿي ويو، جڏهن ته انٽر بئنڪ ۾ به هڪ ڀيرو ٻيهر نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي. ڪاروباري هفتي جي ٽئين ڏينهن به ڊالر جو قدر وڌڻ جو سلسلو جاري رهيو، ان دوران اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر اوچتو 6 رپيا وڌي 312 رپين تي بند ٿيو. هوڏانهن انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جو قدر گهٽ وڌ ٿيندو رهيو پر پڄاڻي تي رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جو انٽر بئنڪ ريٽ مجموعي طور 63 پئسا وڌيو، جنهن سان ڊالر 299 رپيا 63 پئسا جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو. ملڪ ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن کان لڳاتار واڌ کانپوءِ سون جي في تولي قيمت ۾ گهٽتائي اچي وئي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سون جي في تولو قيمت ۾ 1900 رپين جي گهٽتائي ٿي آهي. 1900 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ ملڪ ۾ سون جو في تولو اگهه 2 لک 32 هزار 600 رپيا ٿي ويو آهي.