ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ مدينا ڪالوني پوليس گذريل رات حب ريور روڊ تي ڪارروائي ڪندي ڪوئيٽا بلوچستان کان ايندڙ مسافر بس مان اسمگل ٿيل سامان هٿ ڪيو آهي. ان ڏس ۾ ايس ايڇ او مدينا ڪالوني موجب پوليس گرفتار جوابدارن علائوالدين ولد لال وٽان هٿ ڪيل ڪسٽم سامان ۾ 170 ڪلوگرام سوپاريون،10 ڪارٽن پائن سگريٽ، 10 ڪارٽن چاڪليٽ، 20 ڪارٽن کير ۽ 45 بنڊل گيس پائيپ شامل آهن. پوليس جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي.
ايم ڪيو ايم جي وفد جي نگران وزيراعظم سان ملاقات
ڪراچي(رپورٽر) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان متحده قومي موومينٽ جي وفد ملاقات ڪئي. وفد انوارالحق ڪاڪڙ کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ملڪ جي اقتصادي، معاشي ۽ معاشرتي صورتحال، بين المذاهب هم آهنگي ۽ ٻين موضوعن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وفد نگران وزيراعظم جو ڌيان ڪراچي ۾ حدبندي جي مسئلي ۽ پاڻي جي کوٽ جي پراڻي مسئلي طرف ڇڪرايو. وزيراعظم وفد کي يقين ڏياريو ته ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ سمورن وسيلن کي هر ممڪن طور تي استعمال ۾ آندو ويندو. ملاقات ۾ سنڌ جو گورنر ڪامران خان ٽيسوري پڻ موجود هو.