مرڪ ڪلهوڙو ۽ نازيا چنا واقعا سنڌ جي تهذيب مٿان وار آهي: محنتي

ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي  ميهڙ ۾ معصوم مُرڪ ڪلهوڙو  ۽ وارھ واسڻ نازيا چنا کي جوابدارن جو نشانو بڻائڻ واري واقعي جي شديد مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته انسان نما وحشي ڏوھارين کي گرفتار ڪري عبرت ناڪ انجام تائين پهچايو وڃي،هن چيو ته اڄ سچل شاه لطيف ۽ قلندر لعل شهباز جي نگري نياڻين ۽ معصوم ٻارڙن لاءِ مقتل گاهه بڻجي وئي آهي، بي حس حڪمران ۽ طاقتور ادارا خاموش تماشائي بڻيل آهن. معصوم فاطمه ڦُرڙو جو خون اڃان خشڪ نه ٿيو ته مٿان وري مهيڙ توڙي وارھ ۾ وحشي درندن پاران مُرڪ ڪلهوڙو ۽ نازيا چنا سان زيادتي جو واقعو سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت مٿان وار آهي. هن چيو ته  سنڌ جي عوام کي پنهنجي ايندڙ نسلن جي تحفظ، ترقي ۽ ننگن توڙي دنگن جي حفاظت لاءِ هاڻي ميرن، پيرن، ڀوتارن ۽ ڪرپٽ حڪمرانن کان جند ڇڏائڻ لاءِ جماعت اسلامي جي بي داغ قيادت جو ساٿ ڏيڻو پوندو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.