ڍاڪا(م ڊ) بنگلاديش ۾ هلندڙ مهيني دوران 50 هزار ڊينگي ڪيس رپورٽ ٿيا .جنهن بعد ڪيسن جو مجموعي انگ هڪ لک 2 هزار 191 ٿي ويو آهي . هيل تائين 485 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا آهن . چيني خابرو اداري مطابق ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف هيلٿ سروسز جي انگ اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بنگلاديش ۾ هلندڙ مهيني دوران ڊينگي جا 50 هزار 359 ڪيس رپورٽ ٿيا.
فواد چوڌري جي عارضي ضمانت ۾ واڌ
لاهور(م ڊ)لاهور جي دهشتگردي جي خاتمي بابت خاص عدالت مسلم ليگ (ن) جي آفيس ساڙڻ سميت ڀڃ ڊاهه ڪرڻ جي ٻين الزامن تحت ٻن ڪيسن ۾ سڌ سماءَ جي اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جي عارضي ضمانت ۾ 02 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. دهشتگردي جي خاتمي بابت خاص عدالت جي جج اعجاز احمد بٽر فواد چوڌري جي ٻن عارضي ضمانتن تي ٻڌڻي ڪئي .