صدر پاران بلن تي صحيحون نه ڪرڻ وارو معاملو سپريم ڪورٽ پهچي ويو

اسلام آباد(م ڊ) آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ جي ترميمي بلز تي صدر پاران صحيحون نه ڪرڻ وارو معاملو سپريم ڪورٽ پهچي  ويو،ايڊوڪيٽ ذوالفقار ڀٽه پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ معاملي جي جاچ ڪرائڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي،درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته درخواست التوا ۾ هجڻ تائين آفيشل سيڪريٽ ۽ آرمي ايڪٽ تي عملدرآمد روڪيو وڃي،درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته صدر عارف علوي جي بيان کانپوءِ ٻنهي ايڪٽس ۾ ترميمن بابت ڪيل قانونسازي تي سوال اٿي رهيا آهن،درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ٻنهي ايڪٽس جو سڌو سنئون تعلق عوامي حقن سان آهي،درخواست ۾ وفاقي سرڪار کي 10 ڏينهن اندر سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪرڻ جو حڪم ڏيڻ جي به استدعا ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.