سکر(رپورٽ:آزاد مهر)سکر جي شھيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري ۽ ايس ايس پي سکر کي هٽائڻ لاءِ سنڌ جا صحافي سراپا احتجاج، ڪراچي،حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ميرپور خاص، نواب شاھ سميت ٻين شھرن کان سکر ۾ آيل هزارين صحافين، وڪيل برادري، واپارين، سماجي تنظيمن اسٽيپ فائونڊيشن، سکر شھري اتحاد جو اڳواڻ عبيد الله ڀٽو ابن آزاد مزدور اتحاد عوامي تحريڪ، جيئي سنڌ قومي محاذ جماعت اسلامي ۽ سول سوسائٽي پاران ڀرپور شرڪت ڪري شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن ۽ سهولتڪارن کي گرفتار ڪري ڦاهي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آھي، پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي سيڪريٽري فنانس لالا اسد پٺاڻ، ايس يو جي صدر امداد بوزدار جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڊي آءِ جي سکر آڏو لڳل ڌرڻي ۾ پهتا، جتي سمورن مظاهرين حڪومت ۽ لاڳاپيل اختيارن کان مطالبو ڪيو ته شھيد صحافت جان محمد مهر جي سمورن قاتلن ۽ سهولتڪارن کي گرفتار ڪيو وڃي، سکر جي تاريخ ۾ اهڙو واقعو ناهي ٿيو سکر پوليس ناڪام ٿي چڪي آھي نااهل ايس ايس پي سکر فوري طور هٽايو وڃي، سمورن قاتلن جي گرفتاري ۽ انجام تائين خاموش ٿي نه واهنداسين، ڌرڻي کي پي ايف يو جي فنانس سيڪريٽري لالا اسد پٺاڻ، خالد کوکر، اقبال ملاح مشتاق سرڪي، صحافي اتحاد جو نعمت کھڙو، غلام حسين چانگ، هائي ڪورٽ بار سکر صدر قربان ملاڻو، غلام حسين چانگ، فنڪشنل اڳواڻ فقير عنايت ٻرڙو،پي ٽي آئي سکر جو ڳواڻ وڪيل ظھير بابر، ڊاڪٽر عائشا ڌاريجو،ميڊم شائستا کوسو شھيد جي ڀاءُ ڪرم الله مهر پڻ خطاب ڪيو، ان موقعي تي اڳواڻن 26 آگسٽ تي شھيد جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سي ايم هائوس آڏو ڪراچي ۾ ڌرڻي جو پڻ اعلان ڪيو آھي .جماعت اسلامي جو سربراهه سراج الحق به ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيو، سراج الحق چيو ته پاڪستان جو عوام شهيد جان محمد مهر جي وارثن سان گڏ آهي، قاتلن جي گرفتاريءَ تائين خاموش ٿي نه ويهنداسين،سراج الحق چيو ته جان محمد مهر جو قتل هڪ فرد جو قتل نه پر پوري قوم جو قتل سمجهون ٿا