اسلام آباد(م ڊ) انڪشاف ٿيو آهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي مبينا طور تي پنهنجي ئي پرنسپل سيڪريٽري وقار احمد تي دٻاءُ وڌو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر پنهنجي پرنسپل سيڪريٽري وقار احمد کي ٻڌايو ته سندس پارٽي پي ٽي آءِ پاران آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ ترميمي بل ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بل جي حوالي سان مٿس تمام گهڻو دٻاءُ آهي، جيڪڏهن پي ٽي آءِ جي حڪومت هڪ سال کانپوءِ آئي ته کين معاوضو ڏنو ويندو. جنهن تي وقار احمد جواب ڏنو ته هو ڪجهه مهينن ۾ رٽائر ٿي رهيو آهي، صدر کي پنهنجي سياست لاءِ پنهنجي بي داغ ڪيريئر کي داغدار نه ڪرڻ گهرجي.