ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي/ (سي اي سي) جو اهم اجلاس 25 آگسٽ جمعي نماز کان پوءِ 3 وڳي بلاول هائوس ڪراچي ۾ طلب ڪيو آهي. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل طرفان جاري بيان مطابق پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبرن کي چيو ويو آهي، ته هو ان اهم اجلاس ۾ ذاتي طور شرڪت کي يقيني بڻائين. اجلاس ۾ ملڪ جي تازي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويندو.