ڪنهن امير جي ڌيءَ سان اهڙو ظلم ٿئي ها ته طاقتور ادارا خاموش رهن ها؟ سراج الحق

راڻيپور/خيرپور(نمائندا) مرڪزي امير جماعت اسلامي پاڪستان سراج الحق حڪومت، اعلى عدليه ۽ رياست کان معصوم فاطمه ڦرڙو جي قاتل کي ڦاهي ڏيڻ جو مطالبو ۽ عبرت ناڪ انجام تائين پهچائڻ لاءِ  تحريڪ جاري رکڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪنهن به غريب جي ماءُ ڌيءَ جي عزت محفوظ ڪونه آهي، جيڪڏهن ڪنهن امير جي ڌيءَ سان اهڙو ظلم ٿئي ها ته طاقتور ادارا خاموش رهن ها؟ هي پير نه بلڪه شيطان هو جنهن معصوم نياڻي سان ايڏو ظلم ڪيو، آرمي چيف، چيف جسٽس ۽ حڪومتي ادارا خاموش تماشائي بڻيل آهي، ڪو گورنر، صدر ۽ سنڌ جو موجوده توڙي اڳوڻو وڏو وزير ظلم جي شڪار نياڻي جي وارثن وٽ دادرسي لاءِ ناهن پهتا شايد انهن جي سيني ۾ دل نه بلڪه پٿر آهي. سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ نافذ آهي گذريل 15 ورهين کان پ پ جي حڪومت هئي، پر ڪنهن به شخص جي جان، مال ۽ عزت محفوظ ڪونه آهي جيسيتائين ڪرپٽ سرمائيداراڻو، جاگيردار ۽ ڌاڙيل مسلط هوندا سنڌ سميت سڄو ملڪ ترقي ڪونه ڪري سگهندو، انهن جو مقابلو فقط جماعت اسلامي ئي ڪري سگهي ٿي، عوام هاڻي جماعت اسلامي جو ساٿ ڏي. اهڙن خيالن جو اظهار هن راڻي پور بابِ دستگير تي مقامي پير جي حويلي ۾ ظلم جو شڪار ٿيندڙ معصوم نياڻي فاطمه ڦرڙو جي قاتلن کي سزا ڏيارڻ لاءِ رٿيل احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي ڪيو، ان کان پهرين مرڪزي امير شهيد فاطمه جي ڳوٺ خان واهڻ پهچي سندس والد نديم، ڀاءُ فرحان ۽ چاچي فدا حسين سان تعزيت ۽ دعا ڪئي. ريلي ۾ شريڪ ماڻهو “ فاطمه جي قاتلن کي ڦاهي ڏيو، سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ ختم ڪريو” جا اُڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا. سراج الحق جو وڌيڪ چوڻ هو ته هي فقط هڪ فاطمه نه بلڪه سڄي قوم جي نياڻين جو قتل آهي جيڪڏهن اهڙن لڱ ڪانڊرايندڙ واقعن کي نه روڪيو ويو ته ڪنهن جي به ماءُ ڌيءَ محفوظ ڪونه رهنديون، هي واقعو سڄي سنڌ  خلاف سازش آهي. هاڻي ڪٿي آهن مريم نواز، آصف زرداري، شهباز شريف؟ هڪ معصوم نياڻي کي سفاڪ درندي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو، فاطمه جو قاتل قومي مجرم آهي، چاليهه سالن کان سنڌ جي وسيلن جي ڀيل ڪرڻ وارا اڄ فاطمه جي قتل تي خاموش آهن، 10 سالن جي نياڻي کي ملازم يا ٻانهي بڻائي رکڻ آئين جي آرٽيڪل 11 ۽ 37 جي خلاف ورزي آهي، جهڙي طرح قصور جي زينب سان ظلم ڪرڻ واري شيطان کي ڦاهي ڏني وئي ساڳي طرح سان فاطمه جي مجرم کي به ڦاهي ڏيڻ گهرجي، جماعت اسلامي ڪلهه به مظلومن سان گڏ هئي ۽ اڄ به مظلوم سان گڏ بيٺل آهي.ان موقعي تي صوبائي امير محمد حسين محنتي خطاب ڪندي چيو ته فاطمه، نازيه ۽ مُرڪ ڪلهوڙو سميت معصوم نياڻين سان ٿيندڙ واقعا سنڌ ۾ انڌيرنگري ۽ چرٻٽ راڄ جي نشاني آهي، ان موقعي تي مرڪزي نائب امير مولانا اسدالله ڀٽو، صوبائي نائب امير ممتاز حسين سهتو، جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ، جي آءِ يوٿ سنڌ جو صدر ڊاڪٽر امتياز پالاري، ضلعي امير مولانا ثناالله جوڻيجو پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.