راڻيپور: فاطمه واقعي ۾ اڳڀرائي پيرن جي حويلي ۾ قتل ٿي ويل فاطمه جي ڪيس ۾ گرفتار مک جوابدار پير اسد شاھ جي سهري وائس چيئرمين پير فياض شاھ سندس پٽ شاھ مردان شاھ ۽ سندس ڊرائيور اعجاز قاضي جا ڊي اين اي سيمپل رورل هيلٿ سينٽر راڻيپور ۾ ورتا ويا جيڪي راڻيپور پوليس کي ڏنا ويا راڻيپور پوليس ٻڌايو ته پير فياض شاھ سندس پٽ شاھ مردان شاھ ۽ هڪ نوڪر اعجاز قاضي جا ڊي اين اي ورتا ويا آھي جيڪي ڪراچي ليبارٽري ڏانهن موڪليا ويا آھن جيڪي هڪ هفتي ۾ رپوٽ اچي ويندي.