وزيرستان ۾ فائرنگ، 6 جوان شهيد، 4 دهشتگرد به مارجي ويا

پشاور( م ڊ)ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگردن جي فائرنگ ۾ پاڪ جا ڇهه جوان شهيد، چار دهشتگرد مارجي ويا. ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگردن جي فائرنگ ۾ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا 6 جوان شهيد  ۽ 4 دهشتگرد مارجي  ويا آهن. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، ڏکڻ وزيرستان جي علائقي آسمان منزه ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي سيڪيورٽي فورسز اثرائتي طريقي سان دهشتگردن جي ٿاڪن جو پتو لڳايو ۽ ان دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار دهشتگردي مارجي ويا جڏهن ته ٻه دهشتگرد زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر موجب،  دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾  پاڪ فوج جي 6 جوانن شهادت ماڻي. آءِ ايس پي  آر جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري رهندو. آءِ ايس پي آر جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪ فوج دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پر عزم آهي ۽ اسان جا بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.