شهيد روپلي ڪولهي کي ڀيٽا پيش، ڪارونجهر کي بچائڻ جو وچن

مٺي(بيوروچيف)پ پ پ ضلعي ٿرپارڪر جي انفارميشن سيڪريٽري ۽ ٿر ايڪشن فورم جي ڪنوينر ڪامريڊ نندلال مالهي چيو آهي ته روپلو ڪولهي سنڌ جو مزاحمتي ڪردار هو، جنهن ڪارونجهر کي بچائڻ لاءِ  انگريز سامراج جي خلاف تاريخي مزاحمت ڪئي ۽ انگريز سامراج خلاف وڙهندي وڙهندي امر ٿي ويو، پر تروت جي آڏو ڪنڌ نه جهڪايو. اهڙو اظهار هن روپلي ڪولهي جي 164 هين ورسي جي موقعي تي روپلو ڪولهي يادگار تي ننگرپارڪر پهچي ڪارونجهر کي بچائڻ لاءِ وچن ڪندي ڪيو. هن چيو ته اڄ اسان روپلي ڪولهي سان وچن ٿا ڪريون ته ڪارونجهر کي بچائڻ جي لاءِ ڪنهن به قسم جي قرباني کان ڪيئن نه ڪيٻائينداسين ۽ رت جي آخري ڦڙي تائين ڪارونجهر جي حفاظت لاءِ جهدوجهد ڪنداسين، هن چيو ته ڪارونجهر جبل رڳو پٿرن جو دير ناهي، پر اسان جو تاريخي ۽ ثقافتي ورثي سان گڏوگڏ دفاعي مورچو آهي، جنهن تي ويهي اسان پنهنجي وطن جي سلامتي جي جنگ وڙهي سگهون ٿا. هن چيو ته روپلو ڪولهي روڳو ڪولهين جو نه پر سنڌ جو سورمو آهي، جنهن جا اسين سنڌي سڀ وارث آهيون، امر روپلي ڪولهي کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ اسان سمورن محب وطن ماڻهن کي روپلو ڪولهي جي نقش قدم تي هلي ڪارونجهر جبل کي بچائڻ لاءِ پنهنجي زندگي جي پرواهه ڪرڻ بغير ميدان تي لهڻ گهرجي. هن چيو ته ڪارونجهر جبل جي خلاف 90 جي ڏهاڪي کان وٺي سازشون ٿي رهيون آهن، تاريخ شايد آهي ته اسان ان وقت به ڪارونجهر کي بچائڻ لاء سخت احتجاج ڪيو هو ۽ هاڻي به جيڪڏهن ڪارونجهر کي ڪٽڻ جي لاء ڪوبه قدم کنيو ويو ته ڀرپور مزاحمت ڪنداسين. ان موقعي تي ڪريم ڏنو دل، ڀورو ڪولهي، گريش مالهي، نيڻو ڪولهي، ڪندن مالهي، ميرو ڪولهي، انور ڪنڀار سميت ٻيا پڻ موجود هئا. امر رپلو ڪولهي يادگار تي گل نڇاور ڪري ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

انگريزن خلاف آخري دم تائين مزاحمت ڪندڙ روپلي ڪولهي تي سنڌ کي سدا ناز رهندو

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) 1843ع تائين ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ سنڌ جي وڏي حصي تي قبضو ڪري ورتو هو، پر روپلو ڪولهي جي اڳواڻيءَ ۾ کين سنڌ جي ڏکڻ اوڀر ۾ ٿرپارڪر جي ريگستان ۾ مزاحمت جو منهن ڏسڻو پيو،بي بي سي موجب راڻپور جي راجا رانا سنگهه جي دعوت تي وير واهه جي ٺڪر لڌو سنگهه، پيٿاپور جي سوڍو ڪالجي ۽ ننگرپارڪر جي روپلو ڪوهلي ڪارونجهر ٽڪريءَ ۾ پنهنجا ميدان قائم ڪيو،پارو مل پريميءَ جو چوڻ آهي ته ٺڪرن وٽ منظم فوج نه هئي، اهي جنگ جي موقعي تي ئي تياري ڪندا هئا، ٺڪرن جي فوج جو دارومدار سپاهين تي هو. ان مطابق لڌو سنگهه پاڻ ڪنڀاري پهتو ۽ جنگ لاءِ روپلو کان مدد گهري،رانا محبوب اختر موجب ڍڪر لڌو سنگهه، لڌو جو پٽ ادي سنگهه، ڪلجي سوڍو، روپلو ڪولهي، شادي خان کوسو، ڪپري خان کوسو، راجا خان کوسو ۽ بهار خان کوسو هن مزاحمتي تحريڪ  جا اڳواڻ هئا. هن لڙائي ۾ ڪولهي قبيلي جي اٺ هزار ويڙهاڪن حصو ورتو، جن جا اڳواڻ روپلو ڪولهي، ماڌو ڪولهي ۽ ڇتر ڪولهي هئا،ليکڪ پارو مل پريميءَ جو چوڻ آهي ته لڌو سنگهه کي قيد ڪيو ويو ۽ راڻپور جو راجا ڪرن سنگهه، پنهنجن ٻارن سميت، روپلو جي اڳواڻيءَ ۾ ڪارونجهر جبل واري علائقي ۾ لڪي ويو. راڻا ڪرن سنگهه ۽ روپلو لڪ ۾ گوريلا جنگ جاري رکي. اهي ڳجهي طرح دشمن تي حملو ڪري ڪارونجهر جبل جي پناهه ۾ ويندا هئا.ڪرنل تروٽ پارڪر تي توپخاني سان ٻيهر قبضو ڪيو. پريميءَ موجب، ان جنگ ۾ اٺ هزار ڪولهي جان وڃائي ويٺا. بيشمار گهر ڊهي ويا، عورتون بيواهه ۽ ٻار يتيم ٿي ويا.آغا نياز مگسي تحقيق ڪئي آهي ته جڏهن انگريز سرڪار روپلو ڪولهي کي شڪست ڏني ته ان مقامي ماڻهن کي پئسا وٺي کين استعمال ڪيو. سيٺ مهاوجي لوهانو ۽ هانسپوري بائو، ساداري مندر جي پادرين، روپلو ڪولهي کي جاسوسي ڪري گرفتار ڪيو.روپلو کي اهو به چيو ويو ته جيڪڏهن هو انگريز سرڪار جي فرمانبرداري ڪندو ته کيس آزاد ڪيو ويندو ۽ کيس اعزاز سان نوازيو ويندو، پر روپلي صاف انڪار ڪيو.ان تي روپلي جي زال ميناوتي کي گهرايو ويو ته هو پنهنجي مڙس کي سمجهائي. ميناوتي به پنهنجي زال وانگر بهادر نڪتي. هن پنهنجي مڙس کي چيو، مهرباني ڪري پنهنجي ملڪ سان غداري نه ڪر، نه ته ماڻهو مون تي لعنت وجهندا. جيڪڏهن تون پنهنجي ڌرتي تي پنهنجي جان قربان ڪندين ته مونکي پنهنجي بهادر مڙس جي بيواهه سڏجڻ تي فخر ٿيندو.روپلو کي بغير ڪنهن ڪيس  جي موت جي سزا ڏني وئي ۽ ساٿي ميگهواڙ کي پورن واه ۾، پنڊت هنسپوري کي ڪارونجهر ۾ ۽ لوهانو کي ڪسبو ۾ جاگيرون ڏنيون ويون.روپلو کي 22 آگسٽ 1859ع تي ننگرپارڪر جي ڏکڻ-اوڀر ضلعي سوئيگام ۾ گروڌرو نديءَ جي ڪناري تي ڪيڪر جي وڻ جي هڪ شاخ تي لٽڪايو ويو.اختر بلوچ لکيو آهي ته ٻٻر جو وڻ جنهن تي روپلو لٽڪايو ويو هو، اهو هاڻي موجود ناهي، پر اتي بڙ جو وڻ اُڀريو هو، جيڪو اڃا تائين موجود آهي.روپلو ڪولهي جي موت کان پوءِ سندس لاش غائب ڪيو ويو سندس ماءُ، زال ۽ ٻيا مائٽ ڪنري لڏي ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.