فاطمه ڪيس، پير پرست طاقتور مشينري کي پڌرو ڪري ڇڏيو

راڻيپور ۾ ھڪ پير جي گھر ۾ صرف ڏھن ورھين جي نياڻي جي بيدردي سان بي موت مرڻ واري وڊيو وائرل ٿيڻ ۽ سول سوسائٽي جي اڳيان اچڻ بعد اختيارين مجبورن  ڪارراوئي ڪري ڪجھھ گرفتاريون ڪيون آھن.ڪيس جاچ جي مرحلي ۾ آھي، ان وچ ۾ بي ڪفن تدفين ڪيل نياڻي جي قبر ڪشائي ڪري لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو آھي. جاچ تاحال جاري آھي،ڪيس جو بنياد جڙيو آھي.وڌيڪ جاچ جي لاءِ حويلي جي ڪجھھ ماڻھن جا جزا ورتا ويا آھن.جن جي اڃان رپورٽ اچڻي آھي.

ٻئي پاسي سموري سنڌ  ھن جيءِ جھوريندڙ انتھائي غيرانساني ڏوھ خلاف سراپا احتجاج آھي.جنھن مان اھا اميد پيدا ٿي رھي آھي تھ عوام جو اھو شعور سنڌ جي نياڻي فاطمھ کي انصاف ڏيارڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندو .تعليم کان پري عوام اڄ پڻ پيرن جي ڏٽن ۽ انھن جي سڳي ڦيڻي کي پنھنجي قسمت سان سلھاڙي ٿو، جيڪا جھالت جو انتھائي آخري درجو آھي، ان جو وڏو سبب سماج ۾ گھربل شعور جي کوٽ ۽ جديد سائنس کان لاتعلقي آھي. سنڌ ۾ ڪيتريون ئي ڪينسر جھڙيون لاعلاج بيماريون ھڪ عرصي کان پکڙيل آھن،جنھن مان ھڪ پير پرستي پڻ آھي.

ھر دور جي سرڪار پڻ اھڙي دوکي جي جڙيل ديوار کي وڌيڪ سگھارو ڪندي رھي آھي. بلڪھ دنيا جي لاءِ رول ماڊل انسانن جي پيرن جي درن تي ڏنل حاضرين سبب پڻ اٻوجھھ عوام ۾ اڳي ئي گھر ڪري ويل ويساھھ وڌيڪ پڪو پختو ٿيندو رھيو آھي،جڏھن تھ ان بيماري سماج تي مجموعي طور تي گھڻا منفي اثر وڌا آھن.جنھن جو معاشري جي جوڙيل شڪل صورت مان خوب اندازو ٿي  آھي.

فاطمه جي لاش جي پوسٽ مارٽم کانپوءِ  اهم اڳڀرائي ٿي آھي . پوليس  حويلي جي چئن ڄڻن کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي.انھن جي ، ڊي اين اي ڪرائي پئي وڃي. نينگري  فاطمه جا سيمپل ڄامشوري لمس ليبارٽري ۽ ڪراچي فرازنڪ ليبارٽري ڏانهن موڪليا ويا آھن.پوسٽ مارٽم ۾  فاطمه جي جسم تي  تشدد جا نشان  آھن ۽ زيادتي جا پڻ سيمپل ورتا ويا آھن.جوابدارن اسد علي شاھ سميت پنجن ڄڻن جا ڊي اين اي جزا ورتا ويا آھن ۽ حويلين ۾ ڪم ڪندڙ نوڪرياڻين کي پڻ پوليس حوالي ڪرڻ  جو وعدو ڪيو ويو آھي.

سنڌ سرڪار جي ٻين ادارن جيان ٻارن جي تحفظ جي لاءِ جوڙيل نالي ماتر ادارو ضرور موجود ھوندو پر اھو بھ ٻين کاتن جيان گھري ننڊ ۾ ستل آھي،جنھن مان عام ٻار کي شايد ئي ڪو فائدو ٿيو ھجي،سياسي سماجي شعور جو اھو پڻ فرض آھي تھ اھڙن ادارن کان اھو سوال ڪيو وڃي ۽ انھن کان پڇاڻو ٿيڻ گھرجي تھ ان جو ڪارج ڪھڙو آھي ؟

ھن واقعي جي ظاھر ٿيڻ سان اھو پتو پڻ پوي ٿو تھ سنڌ جي ھر علائقي ۾ موجود اھي گاديون ڪيتريون نھ بااثر آھن، جو اھي پوليس کاتي، اسپتال جي ملازم ڊاڪٽرن ۽ ميڊيا ھائوسز سان لاڳاپيل صحافين کي کنگھڻ لاءِ تيار نھ آھي، اھو ئي سبب ھو جو پوليس آفيسر .شروع ۾ نياڻي جي وارثن کي پريشر ۾ اڻي ڪري ڳالھھ لڪائي ڇڏڻ تي مجبور پئي ڪيو، ڊاڪٽر ،نياڻي جي پوسٽ مارٽم ڪرڻ لاءِ تيار نھ ھو ۽ صحافت جي نالي ۾ ڪم ڪندڙ ڌنڌوڙي فرد ڪا خبر ھلائڻ لاءِ تيار نھ ھئا.جيڪڏھن ان تي غور ويچار ڪجي تھ اھو احساس ٿئي ٿو تھ سنڌ  ۾ اھڙي بي حسي پيدا ٿي وئي آھي جو  انسانيت جا سمورا قدر، گڻ ۽ برباري جون صفتون ختم ٿي ويون آھن.

اڄ جي جديد دور ۾ سوشل ميڊيا راوئتي ميڊيا کان گھڻو اڳتي نڪري وئي آھي، جيتوڻيڪ  فيڪ نيوز جو خطرو موجود آھي، پر ان ھوندي بھ سوشل ميڊيا سماج  ۾ ھڪ اثرائتو اوزار بڻجي وئي آھي،جنھن کي ٿوري ذميواري سان ڪتب آڻي ڪري سنڌ جي شعور کي وڌيڪ سگھارو ڪري سگھجي ٿو.

سچ ايترو ئي اڳيان وڌي ٿو جيترو ان کي اڳتي ڌڪيو وڃي ٿو، ان ڪري سموري سول سوسائٽي سميت سياسي سماجي ڌرين کي گھرجي تھ ھن سنگين نوعيت جي ڪيس جي ھر پاسي ۽ پھلوءَ تي نظر رکي وڃي ۽ ان جي اصل ڏھارين کي بچائڻ يا انھن کي ڪنھن رعايت ڏيڻ واري بااثر ڌين جي ڪوشش کي ناڪام بڻايو وڃي.جيئن سنڌ جي ھن معصوم نياڻي کي انصاف ملي سگھي.فاطمھ جي ڪيس، پير پرست سماج جو اصل چھرو پڌرو ڪيو آھي جيڪو دنيا جي  ھر انسان لاءِ نفرت لائق آھي.

ھي ڪيس وقت جي حڪومت جي لاءِ پڻ ھڪ ٽيسٽ آھي.ساڳي ريت عوام جو انصاف ۾ ويساھ پڻ تڏھن پختو ٿيندو جڏھن نھ رڳو انصاف ٿيندو پر اھو انصاف ٿيندي نظر پڻ ايندو.ھئڻ تھ ائين گھرجي تھ ھن ڪيس پڌري ٿيڻ بعد سموري سنڌ ۾ مشڪوڪ  حويلين ۾ نئين دور جي غلامي کي سمجھڻ   لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙي ان جي جاچ ڪئي وڃي، گڏوگڏ سماجي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ ادارن کي ھن پاسي ڌياڻ ڏيندي ان معاملي کي ھڪ ڪيس اسٽڊي ڪري کڻڻ گھرجي ۽ ان جي نتيجن جي معاشري تي پوندڙن اثرن بابت ھڪ جامع رپورٽ جوڙڻ گھرجي.

ھن معاملي جي وڊيو ڏسڻ سان ٻيا پڻ سوال پيدا ٿين ٿا، جنھن ۾ وڊيو ۾ ڏيکاريل ڪمري ۾ لڳل جديد ڪئمرائون پڻ ھڪ سوال آھن، جنھن مان اھو  شڪ ٿئي ٿو تھ شايد ھتي ڊارڪ پورن سائيٽ جي وڊيوز جو  ڪو ڪم ٿيندو ھجي ؟ اميد آھي تھ اختياريون لاڳاپيل سمورين پاسن جي جاچ ڪنديون ۽ ان ڪيس جي رھجي ويل سمورن پاسن کي پڌرو ڪنديون.جنھن سان اصل صورتحال آڏو اچي ۽ ان ڪيس ۾ ملوث  ۽ ان ۾ شامل ڪردارن کي حقيقي طور قانون موجب سزا ملي، جيئن انصاف ۽ قانون جو مان مٿاھون ٿئي.

سماج جي انھن بااثر پيرن ۽ انھن سان سلھاڙيل سموري مشينري کي وائکو ڪرڻ انھن خلاف جوڳي ڪارراوئي ٿيڻ سان ئي اھو سمجھبو بھ معاشرو اڳڀرو ٿي رھيو آھي.ان ۾ ڪنھن قسم جي رڪاوٽ سان سماج کي وري ھڪ اونداھي کڏ ۾ ڌڪو ڏيڻ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ جا ذميوار ٿينداسين جيڪو معافي نھ ملڻ جوڳو ڏوھ ھوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.